خيبر ايجنسي ۾ آپگهاتي بم حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا، 50 زخمي

خيبر ايجنسي(م.ڊ) خيبر ايجنسيءَ ۾ آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ ٻن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ لائين آفسير سميت 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جڏهن ته هڪ بم کي ناڪاره بڻايو ويو. جمرود واري علائقي ۾ لائين آفيسر تحسين الله جيئن ئي پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس کان ٻاهر نڪتو ته آپگهاتي بمبار سندس گاڏيءَ ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏئي ڇڏيو. ڌماڪي ۾ خاصدار فورس جي ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ لائين آفيسر تحسين الله ۽ 15 کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن،جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. زخمين مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڌماڪي سبب گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي. واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ئي روڊ ڪناري نصب ٿيل هڪ ٻيو بم ناڪاره بڻايو ويو. پوليٽيڪل ايجنٽ شهاب علي شاهه موقعي تي پهچي حالتن جو جائزو ورتو. هن چيو ته دهشتگرد جمرود جي تعلقي آفيس ۾ داخل ٿيڻ چاهين پيا پر سندن ڪوشش ناڪام رهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليٽيڪل ايجنٽ چيو ته ڌماڪو آپگهاتي بم هو ۽ اهو آپريشن ضرب عضب جو ردعمل آهي. شهاب علي شاهه چيو ته دهشتگرد خيبر ايجنسي جي امن کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا پر اها سازش ناڪام بڻائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *