وزيراعظم سياسي ڇڪتاڻ سبب ليگي اڳواڻن کي آصف زرداري جي بيان تي ردعمل کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف سياسي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ سبب ليگي اڳواڻن کي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، سياسي معاملن بات وزراعظم جي صلاحڪار آصف ڪرماني هڪ نجي ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف سڀني سياسي پارٽينسان مفاهمت واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مفاهمتي پاليسي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم نواز شريف نواز ليگ جي اڳواڻن کي آصف علي زرداري جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، آصف ڪرماني ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف واضح ڪيو آهي ته هو سياسي ماحول ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي. واضح رهي ته آصف علي زرداري گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس حڪومت خلاف سخت بيان جاري ڪندي چيو هو ته نواز شريف 90ع واري سياسي ورجائي رهيو آهي، سنڌ حڪومت خلاف ڪاررواين جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *