
لاهور (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت 30 سيپٽمبر جي احتجاج ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي عوام پاڻ ئي عمران خان جي سڏ جو بائيڪاٽ ڪندو، هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ نالو نه هجڻ باوجود وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، الزام لڳائيندڙ عمران خان احتساب ۾ سنجينده نه آهي، هن چيو ته 30 سيپٽمبر جي رائيونڊ مارچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان ظاهر ٿي ويندو، عوام انتشار جي سياست جو حصو نه ٿيندو.