ڪشمير مسئلو وڏي اهميت اختيار ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان تي سومر کان گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو وڏي اهميت اختيار ڪري رهيو آهي ڀارت ڪيترن ئي طريقن سان پاڪستان تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي گڏيل اجلاس ۾ اسان کلي بحث ڪري سگهون ٿا اڱاري تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ڪشمير جو مسئلو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪندو پيو وڃي عالمي سطح تي ۽ سفارتي سطح تي ان حوالي سان ڳڻتي وڌي رهي آهي گذريل ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير بيان ڏنو آهي هن چيو ته سومر کان گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي ته اسان کلي بحث ڪري سگهون ٿا اهو پاڪستان ۽ اسان جي بقا جو مسئلو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *