حڪومت گڊ گورننس احتساب ۽ شفافيت تي يقين رکي ٿي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير چيو آهي ته حڪومت گڊ گورننس احتساب ۽ شفافيت تي يقين رکي ٿي، توانائي جي منصوبي ۾ قوم جا هڪ 1 ارب رپيا بچايا ويا، سرڪاري ادارن ۾ شفافيت ۽ احتساب جو عمل يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي واري وفاقي وزير قومي ايڪشن پلان تي ورڪشاپ سان خطاب ڪندي ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته او پي جي پاليسي ميڪنزم فراهم ڪندي آهي، پاڪستان جي شرح نمو هن وقت بلند ترين سطح تي آهي، ورڪشاپ ڌرين کي مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ ۾ دد فراهم ڪندي آهي، پاڪستان رضاڪاراڻي طور تي اوپن گورنمينت پاليسي فورم جي رڪنيت حاصل ڪئي ۽ اوپن گورنمنٽ پاليسي فورم جي شرطن تي عمل ڪيو. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته او اي سي ڊي ميمبر بڻجڻ جي لاءِ 2 سال انتظار ڪرڻو پيو ۽ فنانس بل ۾ تبديلي ڪرڻي پئي ۽ اميد آهي ته او سي ڊي ۾ شموليت ٽيڪس چوري روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *