منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪبي، سيڪريٽري ورڪس سمورن منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18-2017ع تحت روڊن جي 503 اسڪيمون ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان 328 ڪلوميٽر روڊن جون ڇهن اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان سنڌ جي روڊ انفرااسٽريڪچر کي هڪ نئين جدت حاصل ٿيندي. اها ڳالهه اڄ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سڄي صوبي ۾ جاري روڊ سيڪٽر جي ترقياتي اسڪيمن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي ورڪس اينڊ سروسز کاتي وارو وزير امداد پتافي، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز اعجاز احمد ميمڻ، چيف انجنيئر (هاءِ وي سکر) مقيم انصاري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير امداد پتافيءَ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ناڻي کاتي 26 بلين رپين جي رقم سان 196 اسڪيمون شروع ڪيون آهن جن ۾ 488 روڊن جون ۽ 8 عمارتن بابت آهن. حڪومت 8.3 بلين رپيا جاري ڪيا آهن. هن چيو ته جون 2018ع جي آخر تائين 146 منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان 328 ڪلوميٽر طويل روڊن جون 6 اسڪيمون جاري آهن، جنهن لاءِ 22.7 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن.   سيڪريٽري ورڪس اعجاز ميمڻ اي ڊي پي اسڪيمن تي اڳڀرائي بابت ٻڌايو ته 44 ڪلوميٽر طويل ٺل-ڪنڌڪوٽ روڊ جي اسڪيم ڊسمبر 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي لاڳت جو تخمينو 2.065 بلين رپيا آهي ۽ ان جو 15 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي. 36 ڪلوميٽر شڪارپور کان رتوديرو اسڪيم 1.45 بلين رپين کان شروع ڪئي وئي ۽ ان جو 13 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. 64 ڪلوميٽر کيبر کان سانگهڙ وايه ٽنڊو آدم روڊ تي لاڳت جو تخمينو 2.8 بلين رپيا آهي ۽ ان جو 5 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. 63 ڪلوميٽر سانگهڙ کان ميرپورخاص وايه سنڌڙي روڊ 6 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ان تي وڏي وزير پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي ڊي سي ميرپورخاص کي ٽيليفون تي هدايت ڪئي ته هُو پاڻ وڃي زير تعمير روڊ جو معائنو ڪري ۽ رپورٽ پيش ڪري ته ان تي ڪم جاري آهي يا ڪم رڪيل آهي. هن چيو ته مان اهڙي قسم جي غفلت هرگز برداشت نه ڪندس. هن چيو ته سندس رپورٽ مليون آهن ته ان اسڪيم تي ڪم رڪيل آهي، جنهن جو ڪارڻ لاڳاپيل انجنيئر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز اجلاس کي اهو پڻ ٻڌايو ته 67 ڪلوميٽر ٽنڊو محمد خان کان بدين روڊ 3.39 بلين رپين لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان جو 5.32 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي ۽ 54 ڪلوميٽر ڊگري کان نئون ڪوٽ روڊ 3.35 بلين رپين کان شروع ڪيو آهي ۽ ان جو 5.7 سيڪڙو ڪم اڃا تائين ٿيو آهي. وڏي وزير سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو پنهنجي انجينيئرز کي فعال ڪري ۽ بهترين ڪوالٽيءَ سان ڪمن کي مقرر ڪيل مدي اندر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي زير کي ٻڌايو ويو ته روڊن ۽ عمارتن / ماڙين جي سارسنڀال ۽ مرمت جي مد ۾ 4.8 بلين رپيا جي وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي. سارسنڀال ۽ مرمت جي مد ۾ بدين کي 229.54 ملين رپيا صوبائي روڊن ۽ 98.3 ملين رپيا ضلعي روڊن لاءِ ڏنا ويا آهن. دادو کي 234.42 ملين رپيا صوبائي روڊن ۽ ضلعي روڊن لاءِ 25.94 ملين رپيا ڏنا ويا آهن. حيدرآباد کي صوبائي روڊن لاءِ 341.677 ملين رپيا ۽ ضلعي روڊن لاءِ 146.433 ملين رپيا ڏنا ويا آهن. ڪراچيءَ کي صوبائي روڊن لاءِ 126.88 ملين رپيا ۽ ضلعي روڊن لاءِ 54.378 ملين رپيا ڏنا ويا آهن. ٽنڊو محمد خان لاءِ 54.48 ملين رپيا صوبائي ۽ 23.35 ملين رپيا ضلعي لاءِ ۽ ٽنڊو الهيار لاءِ به اهي هڪجهڙا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن جيڪي ٽنڊو محمد خان کي ڏنا ويا آهن. مٽياريءَ جي صوبائي روڊ لاءِ 54.48 ملين رپيا ۽ ضلعي لاءِ 23.3 ملين رپيا، ٺٽي لاءِ 247.7 ملين رپيا صوبائي ۽ 53 ملين رپيا ضلعي لاءِ جڏهن ته سجاول کي 53 ملين رپيا ضلعي روڊن لاءِ ڏنا ويا آهن ڇاڪاڻ ته ٺٽي ۽ سجاول جا صوبائي روڊ هڪ ئي آهن. خيرپور کي 217.8 ملين رپيا صوبائي ۽ 93.36 ملين رپيا ضلعي لاءِ، نوشهروفيروز کي 121.8 ملين رپيا صوبائي ۽ 52.23 ملين رپيا ضلعي لاءِ، قمبر کي 100 ملين رپيا صوبائي ۽ 50 ملين رپيا ضلعي روڊن لاءِ، ميرپورخاص کي 280 ملين رپيا صوبائي ۽ 120 ملين رپيا ضلعي لاءِ، عمرڪوٽ کي 90.8 ملين رپيا صوبائي ۽ 38.9 ملين رپيا ضلعي اي ڊي پي لاءِ ڏنا ويا آهن. ٿرپارڪر لاءِ 92 ملين رپيا صوبائي ۽ 39.4 ملين ضلعي روڊ لاءِ، بينظيرآباد کي 142.3 ملين رپيا صوبائي ۽ 61.003 ملين رپيا ضلعي لاءِ، سانگهڙ کي 227.36 ملين رپيا صوبائي ۽ 97.44 ملين رپيا ضلعي لاءِ، شڪارپور کي 91.96 ملين رپيا صوبائي ۽ 39.414 ملين رپيا ضلعي لاءِ، جيڪب آباد کي 158 ملين رپيا صوبائي ۽ 67.7 ملين رپيا ضلعي لاءِ، ڪشمور کي 60.5 ملين رپيا صوبائي ۽ 25.9 ملين رپيا ضلعي لاء، سکر کي 114.5 ملين صوبائي ۽ 49.07 ضلعي لاءِ ۽ گهوٽڪي کي 109.9 ملين رپيا صوبائي ۽ 47.1 ملين رپيا ضلعي روڊن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هُو پنهنجي ڊي جي کي تعمير ٿيندڙ روڊن جن جي مرمت تجويز ڪئي وئي آهي ان جو معائنو ڪري ۽ مون کي رپورٽ ڏني وڃي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته روڊن جي مناسب طريقي سان سارسنڀال ٿئي ۽ مان ذاتي طور تي پاڻ به دورا ڪندس. هن چيو ته مون کي رپورٽس مليون آهن ته مينٽيننس جو ڪم صحيح ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *