حڪومت کي نه جمهوريت کي پيا بچايون، پ پ کي خطرو ملڪي سلامتي کي خطرو هوندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن شيرانيون سبرائي ڇڏيون آهن پر اهي اڪيلا آهن، پ پ کي خطرو ٿيو ته ملڪ جي سلامتي کي خطرو هوندو،  آرمي چيف جي پوسٽرز ۽ بينرز لڳائڻ تي ڪنهن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو بنياد ضياءُ الحق وڌو، آمرن جي انهن ئي سياستدانن مدد ڪئي آهي، جيڪي ڊڪٽيٽرن جي پيدوار آهن.  هـُن چيو ته پيپلزپارٽي نواز شريف کي نه بچائي رهي آهي پر جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي حمايت ڪري رهي آهي، نواز شريف جي حڪومت ناڪام ٿي ته ايندڙ دور ۾ آئوٽ ٿي ويندا ۽ نئين قياد/ت آئي ته جمهوريت جي ڪاميابي هوندي. خورشيد شاهه چيو ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي ملڪ جا سڀ کان وڏا  مسئلا آهن، انهن جو خاتمو ضروري آهي، تنهن ڪري سڀ فيصلا آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪيا وڃن. اپوزيشن ليڊر چيو ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۽ آئين سميت سڀ ڪجهه سياستدانن ڏنو آهي، جيڪڏهن سياستدانن جو احتساب ڪرڻو آهي ته اليڪشن جي ذريعي ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته رڳو ڪراچي جو گوڙ مچايو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم خلاف ڪاررواين جا مطالبا ٿي رهيا آهن، اعجاز الحق تسليم ڪيو هو ته متحده  سندس پيءُ ضياءُ الحق ٺاهي هئي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته جنرل راحيل شريف پاڪ فوج جو سپهه سالار آهي، ان جي بينرز ۽ پوسٽر لڳائڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڊي سي اوز جا به پوسٽر لڳايا ويندا آهن، پاڪ فوج ته ته سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي، عوام آرمي چيف جي محبت ۾ پوسٽر لڳائي رهيو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهن شيروانيون سبرائي ڇڏيون آهن پر اهي اڪيلا آهن، پيپلزپارٽي کي ڪو به خطرو ٿيو ته اهي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو هوندو. اپوزيشن ليڊر چيو ته آصف علي زرداري دبئي ۾ ڪو به اجلاس ناهي سڏايو، هو پاڻ پ پ شريڪ چيئرمين سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. جا به پوسٽر لڳايا ويندا آهن، پاڪ فوج ته ته سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي، عوام آرمي چيف جي محبت ۾ پوسٽر لڳائي رهيو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهن شيروانيون سبرائي ڇڏيون آهن پر اهي اڪيلا آهن، پيپلزپارٽي کي ڪو به خطرو ٿيو ته اهي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو هوندو. اپوزيشن ليڊر چيو ته آصف علي زرداري دبئي ۾ ڪو به اجلاس ناهي سڏايو، هو پاڻ پ پ شريڪ چيئرمين سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *