سنڌ حڪومت احتساب ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار،صوبي اندر احتساب جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ احتساب ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه قانون واري وزارت کي بل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. سي ايم هائوس ترجمان موجب اجلاس دوران صوبي ۾ احتساب جو عمل وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ احتساب ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ترجمان موجب وڏي وزير، قانون واري وزارت کي هدايت ڪئي ته احتساب ڪميشن لاءِ جلد قانوني مسودو تيار ڪيو وڃي. سنڌ احتساب ڪميشن جو بل جلد صوبائي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *