حڪومت ڏوهارين کي تحفظ نه ڏئي ته ادارا سٺا نتيجا ڏيندا آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهارين جو تحفظ نه ڪري ته نيب سميت ادارا نتيجا ڏيندا آهن وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ٽن سالن جو دور 2018 کان 2020 ۾ نيب 484 ارب رپيا رڪور ڪيا ان جي ڀيٽ ۾ 1999 کان 2017 تائين نيب گڏيل طور تي 290 ارب رپيا رڪور ڪيا وزيراعظم چيو ته جڏهن حڪومت ڏوهارين کي تحفظ نه ڏي ۽ مداخلت ڪرڻ بنا ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏي ته سٺا نتيجا اچن ٿا انويسٽيگيشن ايجنسيون ۽ احتساب ادارا سياسي مداخلت بنا ڪم ڪن ته اهڙي قسم جا نتيجا اچن ٿا.  ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويئي وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو وزيراعظم سان گڏ شيخ رشيد، ناڻي وارو وزير، قومي سلامتي جو صلاحڪار به موجود هو دوري دوران وزيراعظم کي ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتهال تي بريفنگ ڏني ويئي آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس به ٿيو اجلاس ۾ وفاقي وزير، اعليٰ عسڪري عملدار ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ۽ ملڪي سلامتي بابت معاملن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. ھوڏانھن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويا آهن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ احساس پروگرام کي چوٿون ڪامياب ترين پروگرام قرار ڏنو ويو. اسلام آباد ۾ احساس سيونگ واليٽس جي شروعات بابت تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته امير ملڪن جي ڀيٽ ۾ غريب ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جن ملڪن تڪڙي، شفاف ۽ گڏيل طريقي سان متاثر طبقي جي مدد ڪئي، انهن ۾ پاڪستان به شامل هو. هن چيو لاڪ ڊائون دوران معيشت بند ٿي ته هيٺيون ۽ وچولو طبقو متاثر ٿيو، انهن حالتن ۾ دنيا ۾ احساس پروگرام کي چوٿون ڪامياب ترين پروگرام قرار ڏنو ويو، ڊاڪٽر ثانيا نشتر ۽ احساس پروگرام جي ٽيم کي خراج پيش ڪيان ٿو، جيڪڏهن تيزي سان احساس پروگرام متعارف نه ٿئي ها ته ڪمزور طبقو وڌيڪ پريشاني کي منهن ڏئي رهيا. سندس چوڻ هو ته ان پروگرام ۾ ڪنهن کي به سياسي فائدو نه پهچايو ويو، تنهن ڪري ڪا شڪايت وصول نه ٿي، ان ۾ شفافيت برقرار رهي، ڇو ته احساس پروگرام ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ٻين پروگرامن جيان احساس سيونگ واليٽس پروگرام به ڪامياب ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *