سنڌ ۾ پابندين ۾ سختي، ڪراچي ۾ رات 8 وڳي بعد شھرين جي نڪرڻ تي پابندي جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ سرڪار ڪورونا پابندين ۾ وڌيڪ سختي ڪندي رات 8 وڳي کانپوءِ شهرين جي غير ضروري اچ وڃ کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سوڌو اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ترجمان وزيراعليٰ هائوس موجب اڄ کان سنڌ ۾ ڪاروبار صبح 5 وڳي کان شم 6 وڳي تائين کولي سگهبو، ڊپارٽمنٽل ۽ سپر اسٽورز شام 6 وڳي تائين کليل رهندا پر بيڪري ۽ کير جا دڪان رات 12 وڳي تائين کولي سگهبا، جڏهن ته جمعي ۽ آڄر ڏهاڙي تي ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهندو، ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالهه کا رات جو 8 وڳي کان پوءِ ماڻهن کي غير ضروري گهمڻ جي اجازت نه هوندي ۽ هن سلسلي ۾ وزيراعليٰ آءِ جي سنڌ کي گاڏين ۾ گهمندڙ ماڻهن کي روڪڻ جي به هدايت ڪئي آهي، ترجمان موجب وڏي وزير عملدارن کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ جيترا به ڪيسز آهن انهن مان 50 سيڪڙو سنڌ مان آهن، وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ وچ ۾ ايس او پيز جون وڌيڪ شڪايتون ملي رهيون آهن، اوڀر ضلعي ۾ 21، ڏکڻ ۾ 16، وچ ۾ 10 سيڪڙو ڪيسز سامهون آيا آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 11، دادو ۾ 10، سکر ۾ 8 سيڪڙو ڪيسز آهن، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته مان پاڻ سرپرائز دورا ڪندس، جيڪڏهن وقت جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪارروائي ڪندس، جيڪڏهن ٻن هفتن ۾ پابندين تي مڪمل عمل ڪيو ويو ته اڳتي آساني ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *