حڪومت ضمني مالياتي بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي ڪيل پرڏيهي دورن جي تفصيلن تي ٻڌل رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان سال 2018 ۾ 3 پرڏيهي دورا ڪيا، انهن تي 4 ڪروڙ 56 لک 15 هزار رپين کان وڌيڪ خرچ آيو، هن 2018 ۾ گڏيل عرب امارتن، چين ۽ ملائيشيا جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2019 ۾ وزيراعظم 16 پرڏيهي دورا ڪيا، انهن پرڏيهي دورن تي 11 ڪروڙ 60 لک 11 هزار رپيا خرچ آيو، ان کانپوءِ وزيراعظم سال 2020 ۾ 4 پرڏيهي دوران ڪيا ۽ انهن تي هڪ ڪروڙ 36 لک 37 هزارن کان وڌيڪ خرچ آيو. سينيٽ ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب وزيراعظم سال 2021 ۾ 5 پرڏيهي دورا ڪيا، انهن دورن تي 2 ڪروڙ 76 لک 2 هزار رپين کان وڌيڪ خرچ آيو. رپورٽ موجب وزيراعظم حلف کڻڻ کانپوءِ هيل تائين 47 پرڏيهي دورا ڪيا، پرڏيهي دورن تي ڪُل 20 ڪروڙ 37 لک 67 هزارن کان وڌيڪ خرچ آيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *