صوبي ۾ امن امان جي بحالي کانپوءِ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن قدم وڌايو آهي: مرادعلي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صوبي ۾ امن امان جي بحالي کانپوءِ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن قدم وڌايو آهي. ڪنهن به صوبي يا ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي بهترين صورتحال تي ٻڌل هوندي آهي جنهن کي مثالي امن امان وگهي پيدا ڪري سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪمانڊنٽ پي اين وار ڪاليج ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان جي اڳواڻي ۾ 51هين پاڪستان اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. شرڪت ڪندڙن جو تعلق بنگلاديش، بحرين، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن سميت مختلف ملڪن مان هو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو قاضي شاهد پرويز، وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بدترين هئي، عوام پوليس جي قافلن ۾ سفر ڪندا هئا ۽ ڪراچي اندر نو گو ايرياز، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ عيوض اغوا ڪرڻ ۽ ڀتا خوري معمول بڻيل هئا. هن چيو ته 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو پهريون ۽ اهم ڪم صوبي ۾ امن امان بحال ڪرڻ هو تنهن ڪري پهرئين مرحلي ۾ مختلف ڪاروائين ذريعي شاهراهن کي ڌاڙيلن مان جند ڇڏرائي ۽ پوءِ ڪراچي تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته ڪراچي ڪاسموپوليٽن شهر هجڻ سبب نو گو ايريا بڻجي چڪو هو. هن چيو ته ماڻهن ۾ ايتري جرئت نه هئي جو اهڙن علائقن ڏانهن وڃي سگهن جيتوڻيڪ پوليس به اهڙن علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندي هئي. هن چيو ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو جنهن سان سندن حوصلا کتا ٿيا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه رڳو پوليس اهلڪارن جون پگهارون وڌائي کين حوصلو بلند ڪيو پر انهن کي جديد هٿيارن ۽ ساز و سامان سان ٽمٽار ڪيو، کين نيون گاڏيون به ڏنيون. ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪوبه ڊيوٽي دوران پنهنجي حياتي وڃائي ٿو ويهي ته سندس ڪٽنب کي بهتر معاوضو ڏنو ويندو. سنڌ حڪومت ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو جنهن سان نه رڳو شهر ۾ امن امان بحال ٿيو پر عوام جو حڪومت تي اعتماد پڻ وڌيو. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي کانپوءِ عالمي تقريبون جهڙوڪ ڪرڪيٽ ميچون، ادبي ميلا، بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا جي آمد ۽ ٻيون ڪيترائي تقريبون ڪاميابيءَ سان منعقد ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ٿر ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري کيس سيڙپڪاري جو مرڪز بڻايو. هن چيو ته اڄ به ٿر ۾ روڊن جو وڏو ڄار، ايئرپورٽن، مائننگ، پاور جنريشن، ڪوئلي کان گيس، ڪوئلي مان ڪچو ڌاتو ۽ نون قائم ٿيل تعليمي ادارن جو وڏو نيٽ ورڪ موجود آهي. صحت جي سهولتن بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ کي بهتر بڻايو آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جا 8 سيٽلائيٽ صوبي جي ٻين ضلعن هيڊڪوارٽرن ۾ آهن ۽ اوپن هارٽ سرجري ڪراچي ۽ سکر ۾ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ليور ٽرانسپلانٽس ۾ ماهر آهي ۽ هن وقت تائين 5000 ليور ٽرانسپلانٽس ڪري چڪو آهي. JPMC جو سائبر نائيف دنيا جي بهترين سهولتن مان هڪ آهي جتي مفت علاج ڪيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ٻين ملڪن ۾ اهڙي علاج تي لاڳت هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *