حڪومت جو اسلام آباد ۾ فتنو فساد، وڳوڙ ۽ شر ڦهلائيندڙ جلسن جي داخل ٿيڻ تي مستقل پابندي لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير رانا ثناءُالله جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سياسي جماعت جي روپ ۾ پرتشدد جلسن جلوسن کي سختي سان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ فتنو فساد وڳوڙ ۽ شر ڦهلائيندڙ جلسن جلوسن جي داخل ٿيڻ تي مستقل پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فسادي جٿا ۽ شرپسندن جي هٿان ملڪ کي يرغمال بڻجڻ جي ڪڏهن به اجازت نٿي ڏئي سگهجي مستقبل ۾ ڪنهن به فسادي لانگ مارچ جلوس کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي گهرو وزير رانا ثناءُالله جي صدارت هيٺ پي ٽي آئي لانگ مارچ امن امان جو جائزو وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري سميت آئي جي پوليس پنجاب ۽ آئي جي پوليس اسلام آباد، ضلعو راولپنڊي، سرگوڌا، فيصل آباد ۽ شيخوپوره جي آر پي اوز شرڪت ڪئي اجلاس ۾ پي ٽي آئي جي 25 مئي جي لانگ مارچ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جو تفصيل پيش ٿيو پي ٽي آئي جي لانگ مارچ ۾ شامل شرپسندن جي پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن جو تفصيل پيش ٿيو اجلاس ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن جي گهرن ۽ گاڏين مان هٿ آيل هٿيارن جو تفصيل پيش ٿيو اجلاس ۾ سياسي پارٽي جي روپ ۾ پرتشدد جلسي جلوسن کي سختي سان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد جي انتظاميه کي فسادي مارچ جو رستو روڪڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون ويون رياست طرفان امن امان هٿ ۾ وٺڻ کڻندڙ شرپسندن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن کي انتظاميه سان لکت معاهدن کان پوءِ اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي گهرو وزير چيو ته فسادي جٿن هٿان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي پوليس سپاهي ڪمال احمد جي شهادت جو واقعو دل ڏکائيندڙ آهي هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي ذميواري رياست جي آهي. رياستي ادارا امن امان کي هر صورت قائم رکن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *