حڪومت اڄ استعيفائون قبول ڪري، سڀاڻي چونڊ مهم هلائينداسين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان  چيو آهي ته اسان اسيمبلي ۾ خيرات ۾ مليل سيٽن تي نٿا ويهڻ چاهيون، ان لاءِ اسان جون استعيفائون منظور ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت اڄ استيعفائون منظور ڪيون ته سڀاڻي کان چونڊ مهم هلائينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان چيو ته سينئير قيادت جي اجلاس ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جڏهن ته پارٽي جو نئون آئين ٺهي رهيو آهي ۽ پهرينمرحلي ۾ رڪنيت سازي مهم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته مڪاني چونڊن کان  ترت پوءِ پارٽي جون چونڊون ٿينديون، جڏهن ته تسنيم نوراني پارٽي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه هوندو.عمران خان  جو چوڻ هو ته (ن) ليگ ٻٽي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي، اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته فضل الرحمان نٿو مڃي،ان کي مڃائڻ ته هڪ وزارت جي مار آهي ۽ ايم ڪيو ايم تي “را” جا الزام لڳل آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي اسيمبلي ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، اسان ڪنهن به خيرات ۾ مليل سيٽن تي ويهڻ به نٿا چاهيون. جڏهن ته حڪومت کي چئيلنج ٿو ڪيان ته اسان کي ڊي سيٽ ڪري چونڊون ڪرايون وڃن، اسان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرنداسين ۽ چونڊن ۾ چونڊ مهم مان پاڻ هلائيندس.تحريڪ انصاف جي چئيرمين جو چوڻ هو ته پارٽي ۾ هرڪو عهدو چاهي ٿو، ان ڪري ئي قبضا گروپ جو گوڙ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پارٽي ۾ ڪو به قبضا گروپ ناهي ۽ پارٽي جوآئين مون کي پنهنجي ٽيم چونڊڻ جو حق ڏئي ٿو. هن چيو ته ميڊيا ۾ پارٽي پاليسي تي تنقيد ڪندڙ ميمبرن جي رڪنيت فوري طور تي ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ٽي آئي جمهوري پارٽي آهي ۽ ميمبرن کي پارٽي پليٽ فارم تي راءِ ڏيڻ جي آزادي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *