پ پ ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جو احتساب ناهن ڪنديون، رڳو چهرا مٽبا آهن: سراج الحق

لاهور(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ انصاف سڀني لاءِ برابر هجي. لاهور جي منصوره ۾ جماعت اسلامي جي تربيتي ويهڪ کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسلامي حڪومت جو مطلب اهو آهي ته انصاف سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجي ۽ غريبن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته اوڀر پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڀارت ۽ آمريڪا جو ڪردار هو، سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومتهجي ته نواز ليگ جو ڪڏهن به احتساب نه ڪيو ويو ۽ وري نواز ليگ جو دور هجي ته پيپلز پارٽي کان حساب ڪتاب ناهي ورتو ويندو، رڳو چهرا مٽبا آهن، ڪردار اهي ئي ساڳيا هوندا آهن، جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسان اسٽيٽس ڪو خلاف عظيم جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسٽيسٽس ڪو کي سهارو ڏيندڙن خلاف نڪرڻو پوندو، سراج الحق جو چوڻ هو ته افغانستان ۽ پاڪستان پاڻ  ۾ ڀائر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *