حسن علي شعيب اختر جو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو پهچي ويو

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي گهٽ عرصي ۾ شهرت جي بلندين تي پهچي ويو آهي ۽ دنيا جي وڏن وڏن بئٽسمينن لاءِ دهشت جي علامت طور اڀري آيو آهي.حسن علي نه رڳو آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو پر آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ به نمبر ون بالر طور پاڻ مڃرايو آهي ۽ هاڻ هو پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو اهڙو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جنهن جي باري ۾ دنيا جو ڪو به بالر سوچي به نه ٿو سگهي.حسن علي لڳاتار 13 ون ڊي مئچن ۾ مسلسل وڪيٽون حاصل ڪندڙ پاڪستان جو ٻيو بالر بڻجي ويو آهي ۽ جيڪڏهن هن ايندڙ ٽن مئچن ۾ هر مئچ دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ به وڪيٽ حاصل ڪري ورتي ته شعيب اختر جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيندو. شعيب اختر لڳاتار 16 ون ڊي مئچن ۾ وڪيٽون حاصل ڪيون هيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *