سري ديوي پاران فلاحي ڪمن لاءِ پينٽنگز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سري ديوي فلاحي ڪمن لاءِ پنهنجن هٿن سان ٺاهيل پينٽنگز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سري ديوي 2 ڏهاڪن تائين فلم نگري تي راڄ ڪيو ۽ ان جي فلمي ڪيريئر ۾ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون آهن جنهن ۾ جولي، مقصد، سلطنت، مسٽر انڊيا، خدا گواهه سميت ٻيون ڪيتريون فلمون شامل آهن.سري ديوي اداڪاري کان علاوه پينٽنگ جو شوق رکي ٿي ۽ فلمي مصروفيتن جي باوجود پينٽنگز ٺاهي ٿي.سري ديوي هاڻ پنهنجين پينٽنگز کي فلاحي ادارن جي مدد لاءِ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ مهيني دبئي ۾ ٿيندڙ هڪ نمائش ۾ ان جي پينٽنگز کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *