جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان کي هندستان مان فنڊ ئي نه ملندا ته ان جي چيلهه ٽٽي پوندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان کي هندستان مان فنڊ ئي نه ملندا ته ان جي چيلهه ٽٽي پوندي سان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغانستان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي افعانستان اندر فيصلي جو اختيار افغان عوام جو حق آهي اها ڳالهه هو ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اسان افغانستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيا سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون خطي جا ملڪ افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن افغانستان کي سگهاري طرف وٺي وڃي سگهجي هن چيو ته پاڪستان هاڪاري صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي اسان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو. ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو ٺيڪ نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي نه ئي اسان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪوئي اختيار آهي هڪ سوال تي هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي سٺو بيان آهي هن چيو ته کوڙ ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغانستان ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان بي ايل اي ۽ دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو. هاڻي ان جو خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي بنيادي شرط آهي افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي افغانستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه ڏنو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *