جي آءِ ٽي ڪجهه مٽيريل لڪايو، سوال ڪرڻ جو طريقو درست ناهي: داخل ڪيل اعتراض

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم نوازشريف جي ٻارڙن جي وڪيل سلمان اڪرام خواجا نوان دستاويز 17 صفحن تي ٻڌل اعتراض جمع ڪرائي ڇڏيا ۽ اپيل ڪئي عدالت جي آئي ٽي جي رپورٽ ۽ شآهدين کي رد ڪري، جڏهن ته سپريم ڪورٽ واضع ڪيو آهي ته مني ٽرائيل جو جواب جيڪڏهن ٻارڙ ا نه ڏئي سگھيا ته ان جا نتيجا عوامي عهدو رکڻ واري تي پوندا. اسان ان جي خلاف فيصلو ڏيڻ تي مجبو ر ٿي وينداسين، جسٽس اعجاز الا احسن ٽرسٽ ڊيڊ جي تصديق ٿيڻ تي اعتراض واريندي چيو ته دستاويز تيار ڪنهن ٻئي ڏينهن ۽ تصديق ڪنهن ٻئي جي ڪرائي وئي، ان دستاويزن جي تصديق ڇنڇر جي ڏينهن ڪرائي وئي پر ان ڏينهن برطانيا ۾ ته موڪل هوندي آهي، جڏهن جسٽس عظمت سعيد چيو ته عدالت جي اڳيان ڪيس بابي النظر ۾ جعلي دستاويز ڏيڻ جو آهي. في الحال ان کا اڳتي وڃڻ نه ٿا چاهيون ، پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آئي ٽي جي رپورٽ جمع ٿيڻ کان پوءِ عدالت جي ٽي رڪني بينچ ڪيس جي چوٿين ٻڌڻي خميس تي ڪئي، ٻڌڻي کان اڳ اڳوڻي قطري وزراعظم حماد بن جاثم جو جي آئي ٽي ڏانهن موڪليل ٽيون خط به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ جي آئي ٽي کي ايندڙ هفتي جي آخر ۾ دوها دعوت ڏني وئي. حماد بن جاثم پاران جي آئي ٽي جو اهو خط هلندڙ مهيني 17 جولائي تي لکيو ويو جنهن ۾ پهريان موڪلين ٻن خطن جي به تصديق ڪئي وئي، پنهنجي خط ۾ اڳوڻِي قطري وزيراعظم واضع ڪيو آهي ان  تي پاڪستاني قانون لاڳو نه ٿو ٿئي. ان لاءِ هو پاڪستان اچي ڪنهن به عدالت يا ٽربيونل جي اڳيان پيش نه ٿو ٿي سگھي، ٻڌڻي سروع ٿي ته وزيراعظم نوازسريف جي ٻارڙن جي وڪيل وڌيڪ دستاويز جمع ڪرايا، عدالتي بينچ ان کان اڳ ميڊيا تي ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جسٽس اعجاز افضل سلمان اڪرم راجا کي مخاطب  ٿيندي چيو ته توهان دستاويز وقت تي جمع ڪرائڻ جو چيو هو وڪيل جواب ڏنو ته مان ڪوشش ڪئي جنهن تي جج چيو ته سمورا دستاويز ميڊيا تي بحث هيٺ رهيا، جسٽس اعجاز احسن  چيو ته ميڊيا تي جاري ٿيندڙ دستاويزن ۾ هڪ خط اڳوڻي قطري وزيراعظم  جو به آهي جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان ميڊيا تي پنهنجو ڪيس هلايو، ته ميڊيا کي دليل به ڏيو هان جنهن تي وڪيل چيو ته ميڊيا تي دستاويز منهنجي پاران جاري نه ٿيا. جسٽس اعجاز الا احسن چيو ته هن وقت تائين اسان آمدني جو ذريعو ۽ مني ٽرائيل نه ڳلي سگھياسين، جسٽس عظمت چيو ته لنڊن فليٽ جي نيلسن ۽ نيسڪول ملڪيت هجڻ تي ڪو به جھيڙو نه آهي ۽ موضيڪ فونسيڪا موجب مريم نواز  فيلٽن جي مالڪ آهن. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ان جو چوڻ آهي ته مريم مالڪ اهي جڏهن ته اسان جو حسين مالڪ آهي فرق نه آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز احسن چيو ته وڏو فرق آهي جيڪڏهن مريم مالڪ آهي ته اسان فنڊن کي ڏسنداسين. جسٽس اعجاز افضل چيو ته 1993 ۾ ٻارڙن جون عمريون ڏسو ته معلوم ٿيندو ته هو فليٽ خريد ڪري نه سگھن پيا. جسٽس اعجاز افضل چيو ته الزام اهو آهي ته فليٽ وزيراعطم خريد ڪيا ۽ درخواست ڪندڙ چوي ٿو ته وزيراعظم فنڊ ٻڌائي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته ماڻهون پڇن ٿا ته اسان تي الزام ڇا آهي ته چئون ٿا ته نيب جي سيڪشن 9A 5 ڪرپشن جي حوالي سان آهي، ٻڌڻي دوران حماد بن جاسم ۽ برٽش ۽ جن آئيلينڊ جا دستاويز کوليا ويا جنهن جي آئي ٽي ڏانهن موڪليل ٻه خط به شامل هيا، عدالت چيو ته اسان کلي عدالت ۾ دستاويزن جو جائزو ورتو، ٻئي ڌريون ان رڪارڊ کي حاصل ڪري سگھن ٿيون، عدالتي بيان تي سلمان اڪرم راجا پاران پيش ڪيل ڪيترن ئي دستاويزن کي رد ڪندي چيو آهي ته ان دستاويزن جي يو اي اي جي انصاف واري وزارت پهريان ئي تصديق ڪري ڇڏي هئي. جسٽس اعجاز احسن ٽرسٽ ڊيڊ جي تصديق ٿيڻ تي اعتراض واريندي چيو ته دستاويز تيار ڪنهن ٻئي ڪيا ۽ تصديق ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪرائي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته راجا صاحب اهو توهان ڇا ڪري ڇڏيو اسان سوچي به نه ٿا سگھون ته ائين ٿي ڪيئن ويو، جعلي دستاويزن جو معاملو منهنجي دل کي ٽوڙي ڇڏيو. ان جعلسازي تي قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. وڪيل چيو ته ٽيڪنڪي بنيادن تي  ڪيلبري فوٽس جو معاملو صحيح نه آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته گورا نه لڇ ڏيندا آهن ته رومال اڳيان ڏيندا آهن، ڇا ڪوئي قانوني فونٽ چوري ڪندو، جسٽس اعجاز احسن چيو ته ٽرسٽ ڊيڊ سان ڪيترائي مسئلا آهن، هر شخص جي آئيني اختيارن تي اسان تمام محتاط آهيون، جسٽس اعجاز الا احسن وڪيل کان پڇا ڪئي ته 4 فروري 2006 تي برطانيا ۾ موڪل هئي توهان وٽ ان جو ڪهڙو جواب آهي، ان تي وڪيل آهي ته ممڪن آهي ته غلطي ٿي وئي هجي. جسٽس عظمت شيخ چيو ته توهان جي ڳالهين مان دبئي حڪومت تمام گھڻيون غلطيون ڪري ٿي. وڪيل چيو ته سينئرن وڪيل اڪرم شيخ ان وقت ڪيس هلائي رهيو واسطيدار فورم ڏانهن معاملو وڃي ته وضآحت به ايندي، جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ڪنهن جا بنيادي حق متاثر نه ٿا ڪرڻ چاهيون اهڙو ڪجھه نه چونداسين  جنهن سان ڪيس تي اثر پوي، جج عظمت سعيد چيو ته توهان چاهيو ته ٿا اسان سرڪاري سطح تي ايندڙ دستاويزن تي يقين نه ڪريون وڪيل چيو ته اسان جو موقف ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جو آهي. وزيراعظم جي ٻارڙن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته يواي اي اختيار جو گلف مل جي معاهدي جا رڪارڊ نه هجڻ جو جواب ڏنو، 12 ملين درهم جي ٽرانسڪيشن جي به ترديد ڪئي. خط تي حسين نواز سان ڪو سوال نه پڇيون ويو، حسين نواز جي تصديق ٿيل دستاويز کي نه گھريو ويو. جنهن تي جسٽس اعجاز الا حسن پڇيو ته يو اي اي مان به حسين نواز جي دستاويزن جي تصديق گھري وئي هئي. جج چيو ته يو اي اي اختيارن چيو هيو ته اها مهر اسانجي آهي ئي نه. مهر جي تصديق نه هجڻ جا جيڪي اثر هوندا اهي عدالت بحث ڪرڻ نه ٿي چاهي. وڪيل چيو ته اهڙو ڪجھه به ٿيندو ڪجھه غلط فهمي ۽ غلطي ٿي آهي، جسٽس اعجاز الا حسن جو چوڻ هو ته حسين نواز ۽ طارق شفيع کان پڇيو ته اسان نوٽ نه ڪرايو، سڀني چيو ته هو ان مهر کي نه ڄاڻين، ان جو مطلب ته اهي دستاويز غلط آهن.  پبلڪ کان تصديق ڪرايا ويا، حسين نواز جي آئي ٽي کي ٻڌايو هو ته هو دبئي نه هيو ڪنهن پبلڪ کان تصديق ڪرايا، ان سان ته اهي دستاويز جعلي لڳن ٿا. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ذاتي دستاويزن ۾ ته اهو لکي سگھجي ٿو ته سامان طائي ٽينڪ ۾ ويو، ڪي تصديق ٿيل دستاويز آڻيو جي آئي ٽي جي نتيجن تي حملو نه ڪيو ان جي دستاويزن جو جواب ڏيو، جسٽس اعجاز الا حسن سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اسان توهان کان پڇي رهيا آهيون ته توهان پنهنجو موقف ٻڌايو ته جنهن تي ان جو چوڻ هيو جي آئي ٽي حسين نواز تي جرح نه ڪئي. جي آئي ٽي غلط سوال ڪيا، جج چيو ته هاڻي توهان نوان دستاويز آڻيو، ان ڪيس تي اثر ڏسنداسين توهانکي گھرجي هان ته سمورو رڪارڊ جي آئي ٽي کي ڏيو هان جنهن تي وڪيل چيو ته جي آئي ٽي ته منهنجي سمورن دستاويزن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس اعجاز احسن چيو ته دبئي اختيارن دبئي کان اسڪريپ جدي وڃڻ جي ترديد ڪئي جنهن تي سلمان اڪرام راجا چيو ته اها اسڪريپ نه مشينري هئي، جج چيو ته جڏهن مشينري دبئي کان ابو ظهبي وئي ته انجو رڪارڊ هجڻ گھرجي جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته مشينري دبئي کان ابوظهبي جي رستي جدي وئي. ججن چيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته مشينري ابوظهبي کان دبئي وئي توهان پهريان مشنيري دبئي کان جدي وئي جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته يو اي اي جي اندر سامان جو رڪارڊ نه هوندو آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڪي تصديق وارا دستاويز کڻي اچو توهان جيڪي ڏيکاري رهيا آهيو، اهي پرائيويٽ آهن دستاويز ڏيڻا آهن ته ڪسٽم آفيس کي ڏيو، جسٽس اعجاز احسن پڇيو ته ڇا وڪرو ڪرڻ وقت عزيزيا مل تي ڪي رهتون هيون جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته جيڪي رهتون هيون اهي ادا ڪيون ويون هيون ،. سلمان اڪرم چيو ته جي آئي ٽي پاڻ نتيجي ڪڍيو ته حماد بن جاسم جي انٽرويو جي ضرورت نه آهي، جنهن تي جج چيو ته عدالت چئي چڪي آهي فيصلو دستاويزن تي ٿيڻو آهي، وڌيڪ جاچ جو چئي توهان نئين ڳالهه ڪري ڇڏي. سلمان اڪرم راجا چيو ته مان صرف اهو چئي رهيو آهيان ته مڪمل انڪوائري ٿيڻ گھرجي، جسٽس عظمت سعيد وڪيل کان پڇيو ته معاملو احتساب عدالت ڏانهن موڪليو جنهن تي وڪيل چيو ته مان صرف انڪوائري جو چئي رهيو آهيان، جج وڪيل کي چيو ته قطري کي پيش ڪرڻ توهان جي ذميواري هئي هو توهان جو گواهه هيو پر توهان هن کي پيش نه ڪيو، توهان صرف قطري سيڙپڪاري جو رسيدون ڏيکاريون ، توهان نه ٽرانسيڪشن ڏيکاري ۽ نه رسيدون، ته اسان ڪيئن مڃون، جج چيو ته حماد بن جاسم خطن ۾ رقم موڪلڻ جو هڪ لفظ به نه لکيو آ. جج چيو ته شهزادي کي چيو ته اچو هن چيو ته مان نه ٿو اچان، پاڪستاني سفارتخاني اچڻ جو چيو ۽ ان ڳالهه کي به نه مڃيو، ڇا سان سڀ هاڻي دوها هليا وڃون؟ جج چيو ته لافرم جو اڪائونٽ ڏيکاريو رقم جو وهڪرو واضع ٿي ويندو، اهو افريڪا يا پاناما نه انگلينڊ آهي، سمورو رڪارڊ ملي ويندو آهي، رڪارڊ آڻيو ڳالهه ختم ٿي ويندي. اهو اهو سوال آهي جنهن جو جواب نه آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته شيخ حمد ان جو جواب ڏئي سگھي ٿو، جنهن تي جج چيو ته قطري ته ويڊيو لنڪ کان جواب ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو شايد ان جي تصوير سٺي نه ٿي اچي ان لاءِ هو نه آيو، جج چيو ته قطري چيو ته منهنجي محل ۾ اچو، جج چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني سفارتخاني ۽ ويڊيو لنڪ تي نه اچڻ باقي ڇا رهجي ويو، جنهن تي وڪيل چيو ته ارسلان افتخار کي ڪيس موجب قطر وڃڻ جي ضرورت نه هئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڇا وزراعظم دبئي ڪمپني جو چيرمين آهي جنهن تي وڪيل چيو ته ها چيرمين آهي. جج چيو ته جبل ڪمپني مان 615 هزار پائونڊ فليگ شپ ڪمپني کي موڪليا ويا توهان چئي رهيا آهيو ته ان ڪمپني جا ڪي بي اثاثا نه آهن، جنهن تي سلمان اڪرم عدالت کان سوال جي جواب جي مهلت ورتي، سلمان اڪرم راجا چيو ته منهنجا اڄ جمعي ختم ٿي ويندا، جنهن تي پي ٽي آئي جي وڪيل چيو ته هو جوابن تي مختصر دليل ڏيندو جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڪيپٽن صفدر پاران ڪو به پيش نه ٿيو، جيڪڏهن ڪو آيو  ته صحيح نه ڇڏي ڏيو، جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته شآيد شاهد حامد ڪيس ۾ صفدر جووڪيل آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته جيڪڏهن وڪيل آيو ته ٻڌنداسين نه ته فيصلو ڏينداسين جنهن تي ٻڌڻي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *