ٻار مني ٽريل جو جواب نه ڏئي سگهيا ته اثر عوامي عهدو رکڻ واري تي پوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م.ڊ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس عظمت سعيد چيو آهي ته ڪيس بادي النظر ۾ جعلي دستاويز ڏيڻ جو آهي، سپريم ڪورٽ اکيون بند ڪري نٿي ويهي سگهي، نتيجا سٺا نه نڪرندا، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، جسٽس اعجاز الاحسن جو چوڻ آهي ته جعلي دستاويز ڏيڻ جي 7 سال سزا آهي، جسٽس اعجاز افضل خان رمارڪس ڏنا ته ثابت ٿي وڃي ته فليٽ اولاد پاڻ خريد ڪيا ته پبلڪ آفيسر هولڊر بچي ويندو، ثابت نه ٿيو ته ڳالهه پبلڪ آفيس هولڊر تائين ويندي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاناما ليڪس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، حسين نواز، حسن ۽ مريم نواز وڌيڪ دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا.  حسين، حسن ۽ مريم نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا ته جي آءِ ٽي دبئي اختيارن جي خط تي حسين نواز کان ڪوبه سوال نه پڇيو، جي آءِ ٽي 12 ملين درهم ٽرانزيڪشن جي به ترديد ڪئي، حسين نواز کان تصديق ٿيل دستاويز نه ورتا ويا. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته 12 مئي 1988ع ۽ 30 مئي 2016ع جي دستاويزن کي دبئي اختيارين جعلي ۽ غلط قرار ڏنو، دبئي اختيارين چيو ته مُهرون به هُنن جو ناهن. جسٽس اعجاز الاحسن سلمان اڪرم راجا کي چيو ته پهرين اوهان چيو ته مشينري دبئي کان جده وئي، هاڻي چئي رهيا آهيو ته مشينري ابوظهبي کان جده وئي، جيڪڏهن مشينري دبئي کان جده وئي ته ان جو رڪارڊ به هئڻ گهرجي.. سلمان اڪرم راجا چيو ته دبئي اندر سامان جي چرپر جو رڪارڊ ناهي هوندو، مشينري دبئي کان ابوظهبي رستي ذريعي جده وئي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن کيس چيو ته دبئي اختيارين اسڪريپ جده وڃڻ ترديد ڪئي، سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته اهو اسڪريپ نه پر مشينري هئي، جي آءِ ٽي غلط سوال ڪيا. .جسٽس عظمت سعيد سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اوهان جي آءِ ٽي نتيجن تي حملو نه ڪريو، انهن جي دستاويزن جو جواب ڏيو.. سلمان اڪرم راجا چيو ته لنڊن فليٽ حسين نواز 2006ع ۾ حاصل ڪيا، وزيراعظم جي اولاد ڪوبه غلط ڪم ناهي ڪيو، اهي چئون ٿا ته مريم نواز مالڪياڻي آهي ۽ هُو چوي ٿو ته حسين نواز مالڪ آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن مريم نواز بينيفشل اونر ناهي ته دستاويزن مان ثابت ڪريو، جيڪڏهن ڪو ٻيو بينيفشل اونر آهي ته اهو به ٻڌايو، موزيڪ ۽ فونسيڪا موجب مريم نواز لنڊن فليٽس جي مالڪياڻي آهي.. جسٽس اعجاز افضل خان چيو ته الزام آهي ته لنڊن فليٽس نواز شريف خريد ڪيا، درخواستگذار چئون ٿا ته وزيراعظم فنڊ ٻڌائي، الزام اهو به آهي ته مريم وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ آهي.. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هُو پڇي رهيا آهن ته جده ۾ رقم ڪٿان آئي، ان جو جواب نه هيڏانهن اچي ٿو نه هوڏانهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته مني ٽريل بابت سندن سوال اڃا به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، بار ثبوتن جو اوهان ته آهي جيڪو اڃا به آهي.. جسٽس اعجاز افضل خان رمارڪس ڏنا ته ثابت ٿي وڃي ته فليٽ اولاد پاڻ خريد ڪيا ته پبلڪ آفيسر هولڊر بچي ويندو، ثابت نه ٿيو ته ڳالهه پبلڪ آفيس هولڊر تائين ويندي. سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا ته حسين نواز جي بي نامي ملڪيت ثابت ناهي ٿي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته جن جي ملڪيت هوندي آهي انهن کي وضاحت ڏيڻي پوندي آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هل ميٽل لاءِ رقم ڪٿان آئي..؟ اها به خبر ناهي، هل ميٽل مان فائدو ڪنهن کنيو اها سڀني کي خبر آهي، فنڊ جا ذريعا معلوم ناهن پر فائدو حاصل ڪندڙ سامهون آهي… جسٽس عظمت سعيد سلمان اڪرم راجا کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا نواز شريف ڪمپني جو چيئرمين نه هو..؟ جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته نواز شريف چيئرمين هو، پر هُن پگهار نه کئني. جسٽس عظمت سعيد چيو ته بادي النظر ۾ ڪيس جعلي دستاويز ڏيڻ جو آهي، في الحال بادي لنظر ۾ اڳتي نٿا وڃن، راجا صاحب اهو اوهان ڇا ڪري ڇڏيو، هُو سوچي به نه پيا سگهن ته ائين ٿيندو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته سپريم ڪورٽ اکيون بند ڪري نٿي ڪري ويهي سگهي، نتيجا سٺا نه نڪرندا، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته جعلي دستاويز ڏيڻ جي 7 سال سزا آهي، 4 فيبروري 2006ع ۾ برطانيا ۾ موڪل هئي، موڪل واري ڏينهن تي برطانيا ۾ ڪير فون به ناهي کڻندو، ان جو اوهان وٽ هاڻي ڪهڙو جواب آهي.. سلمان اڪرم راجا چيو ته ممڪن آهي ڪا غلط ٿي هجي، سينيئر وڪيل اڪرم شيخ ان وقت ڪيس هلائي رهيو هو، هُو معلوم ڪندو ته اهو ڪيئن ٿيو..؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته قطري کي پيش ڪرڻ حسين نواز جي ذميواري هئي، قطري بيان رڪارڊ ڪرائي ها ته ڪهاڻي ئي ختم ٿي وڃي ها، قطري ته پنهنجي محل مان نڪرڻ لاءِ به تيار ناهي.. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڇا قطري پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي..؟ جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته کيس ان بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح جو ساڍي 9 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سلمان اڪرم راجا اڄ به دليل جاري رکندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *