جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت ٿي ته حڪومت کي وڃڻو پوندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت ٿي ته حڪومت کي وڃڻو پوندو.تفصيل مطابق خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي واپسي تي ڀليڪار ڪيو. پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي رڪنيت جي ختم ٿيڻ واري تحريڪ جي حمايت نه ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي پارليامينٽ اچڻ جا رستا  صاف آهن، هنن کي قومي اسيمبلي مان ڪڍڻ  جي حمايت نٿا ڪري سگهون.خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جوڊيشنل ڪميشن مان تمامگهڻيون اميدون آهن، حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت ٿي ته حڪومت کي وڃڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *