شرجيل ميمڻ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر گوسڙو ملازمن خلاف ايڪشن جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلديه عظميٰ ڪراچي( ڪي ايم سي) ۾ اکيون بند ڪري ڀرتيون ۽ ترقيون ڏنيون ويون. گھوسٽ ملازمن کي مان نه بخشيندس چاهي منهنجو سڳو ڀاءُ ئي ڇو نه هجي، جيڪو سرڪاري ملازم آهي اهو ڪم ڪري نه ته موڪل ڪري. هو جمعي واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي ايم سي ۾ گريڊ 18 ۾ ڊائريڪٽ ڀرتيون ٿيون.هڪ شخص ڪجھ عرصو پهرين 14 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيو ۽ هاڻ هو 20 گريڊ ۾ آهي. هڪ شخص 7 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيو هاڻ هو 18 گريڊ ۾ آهي. ڪي ايم سي ۾ اختيارن جي لتاڙ ڪئي وئي آهي. هڪ آفيسر پنهنجو پاڻ کي 20 گريڊ ۾ ترقي ڏئي ڇڏي. سيڪريٽري بلديات، چيف سيڪريٽري ۽ وزير اعليٰ سنڌ تائين ڪا به سمري نه اماڻي وئي. هن چيو ته هڪ شخص 20 گريڊ جو آفيسر آهي ان بابت اها ڄاڻ ئي ناهي ته هو ڪڏهن ۽ ڪهڙي گريڊ ۾ ڀرتي ٿيو. ڪڏهن ان جي ترقي ٿي، سندس ڪو رڪارڊ ئي موجود ناهي. هن چيو ته ڪي ايم سي جا معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ڪميٽي کي هدايتون ڏنوين ويون آهن ته ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي رڪارڊ سميت گھرائي . او پي ايس ۽ ڊيپيوٽيشن تي مقررين جو رڪارڊ به جوڙيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ صفائي مهم، ”صاف سرسبز سنڌ، پر امن سنڌ“ جو مدو هڪ هفتي مان وڌائي هڪ سال ڪيو ويو آهي ان جا سٺا نتيجا اچي رهيا آهن. ڪراچي ۾ بهتري آئي آهي. ميرپور خاص ۾ ڪچرو کنيو پيو وڃي، وڏي سيوريج لائينن جي صفائي ڪئي وئي آهي. پر مان ميرپور خاص ۾ ڪيل ڪمن مان اڃان به مطمئن ناهيان. هن چيو ته حيدرآباد ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي ان مان مطمئن آهيان. اتي صفائي جيڪري بهتري آئي آهي. هن چيو ته سموري صوبي مان قبضن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي بلديات کاتو جهڙي ريت ڪم ڪري رهيو آهي ان جو مثال ماضي ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته سکر، خيرپور ۽ اتر سنڌ کي اسان نادرن سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن(نساسڪ) نالي اداري جي رحم  تي نٿا ڇڏي سگھون. هي ادارو پنهنجو ڪم نٿو ڪري ، اسان ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو ڄاڻايل اداري تي نه ڀاڙين ۽ پنهنجي سر شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. سکر ۾ ڪچرو کڻڻ ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بلديات کاتو ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جا بهتر نتيجا ايندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *