جوڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي ، جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس جو عهدو ڇڏيندڙ جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته هن آئين ۾ ڏنل حق زندگي، تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ججن جي ضابطئه اخلاق اندر رهندي ڪم ڪيو ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي عدليه ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي ملڪ لاءِ ڪم ڪيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي خميس تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ سندس اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 مان 16 ججن شرڪت ڪئي فل ڪورٽ ريفرنس کي چيف جسٽس جي عهدي تي ويهندڙ جسٽس آصف سعيد کوسه ۽ عهدو ڇڏيندڙ چيف جسٽس ثاقب نثار به خطاب ڪيو. ميان ثاقب نثار چيف جسٽس طور فل ڪورٽ ريفرنس کي پنهنجي آخري خطاب ۾ سپريم ڪورٽ جي اهم فيصلن تي روشني وڌي هن چيو ته هن عدالت ڪيترائي فيصلا ڏنا سڀ کان پهريان گلگت بلتستان جو فيصلو آهي ٻيو مسئلو عدالت آبادي ۾ واڌ جو اٿاريو ملڪ کان باهر رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو چيف جسٽس ميان ثابق نثار چيو ته عدالت ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس ورتو ۽ سڄي قوم پاڻي لاءِ چندو ڏنو پٺتي پيل ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪيو ۽ هر شخص کي عزت سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو خانگي اسپتالن جي فين تي نوٽيس ورتو کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معاملي جو نوٽيس ورتو عدالت طيبه سميت گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙن جو به نوٽيس ورتو. ميان ثاقب نثار چيو ته ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي عدليه ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان ملڪ لاءِ ڪم ڪيو واضح رهي ته جسٽس ميان ثاقب نثار 31 ڊسمبر 2016 تي چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي تي ويٺو سندس دور ۾ سپريم ڪورٽ نهايت اهم نوعيت جا فيصلا ڏنا جن جا ملڪ جي سياست تي خاص اثر پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *