وزير اعظم سنڌ اچي چوي ٿو سازشون ڪرڻ اچي رهيا آهيون، ڪابه طاقت سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: وڏو وزير

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مون کي جيڪڏهن سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻو پئجي ويو ته ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته فواد چوڌريءَ وٽ ڪرڻ لاءِ به ڪابه شيءَ ناهي،  هو خبرن ۾ اچڻ لاءِ خبرون ٺاهيندو آهي، ڪڪڙيون ۽ آڻا پراڻيون شيون بڻجي چڪيون آهن، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان جو وزيراعظم آهي جڏهن چاهي سنڌ اچي سگهي ٿو. هن چيو ته  اسان جي سياست ۽ جمهوريت جي ليول هاڻي اها آهي ته وزيراعظم سنڌ اچي ٿو ته چوي ٿو ته سازشون ڪرڻ اچي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته  اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، مون کي جيڪڏهن سرڪاري دوري تي وڃڻو پيو ته ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نيب ۽ سپريم ڪورٽ وفاقي وزيرن کي جي آءِ ٽي رپورٽ تي بيانن کان روڪيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پ پ ۽ ٻين پارٽين خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي.  هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن، مخالف ڌر جي پارٽين جي متحد ٿيڻ سان حڪومت تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو، جيڪو طريقو هنن اختيار ڪيو آهي تنهن سان عوام جي معاشي صورتحال بهتر نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته چئن يا پنجن مهينن ۾ حڪومت تي ماڻهو ايتري تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا ڪڏهن پ پ ۽ ن ليگ تي نه ٿي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *