جهڙي غلط طريقي سان هيءَ حڪومت آئي، اهڙي ئي طرح هلي ويندي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جهڙي غلط طريقي سان هيءَ حڪومت آئي، اهڙي ئي طرح هلي ويندي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مريم نواز جيل ۾ موبائل هٿ اچڻ جي الزام کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته جن الزام لاڳايو، ترديد به انهن طرفان آئي، هن چيو شرم اچڻ گهرجي انهن کي جن الزام لڳايو، آءِ جي جيل ترديد ڪري ڇڏي آهي، مون وٽان ڪا موبائل هٿ ناهي آئي. مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته جهڙي غلط طريقي سان هيءُ حڪومت آئي، اهڙي ئي طرح هلي ويندي، جيئن ڪوڙ جا پير ناهن هوندا، ائين ئي ڌانڌلي ذريعي آيل هن حڪومت جا به پير ناهن. هوڏانهن لاهور جي احتساب عدالت چوڌري شگر ملز/مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مريم نواز ۽ سندس سئوٽ يوسف عباس جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ جوابدارن کي 23 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج جواد الحسن چوڌري شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب طرفان مريم نواز ۽ سندس سئوٽ يوسف عباس کي پيش ڪيو ويو. عدالتي ڪمري ۾ ن ليگ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ موجودگي سبب بدنظمي ڏٺي وئي، جنهن تي عدالت فوري طور تي ڪمري مان اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران جج نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته مريم نواز ۽ يوسف عباس جو ريفرنس ڪڏهن داخل ڪيو ويندو؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز ۽ يوسف عباس خلاف جاچ اڃا جاري آهي، جاچ مڪم ٿيڻ تي چوڌري شگر ملز جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان عدالت مريم نواز ۽ سندس سئوٽ يوسف عباس جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت حڪم ڏنو ته مريم نواز ۽ يوسف عباس کي 23 آڪٽوبر تي وري پيش ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *