شاگردياڻي مصباح جو قتل: مک جوابدار گرفتار، 111 قتل ڪرڻ جو اعتراف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس ڪارروائي ڪندي 111 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ٽارڪيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته شاگردياڻي مصباح جي قتل ۾ ملوث جوابدار به قانون جي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي. ڪراچي ۾ ايس ايس پي ايسٽ غلام اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو 111 قتل جي وارداتن ۾ ملوث آهي، جوابدار سرڪاري عباسي شهيد اسپتال جو ملازم هو، هن جو نيٽ ورڪ به بي نقاب ٿي ويو آهي جنهن ۾ ٻيا به ڪيترائي جوبدار شامل آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ان گروهه خلاف هن وقت تائين 57 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. ايس ايس پي ايسٽ غلام اظفر مهيسر چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار 12 جي سانحي ۾ به ملوث آهي، ڪجهه عرصو اڳ هن پنهنجو حليو تبديل ڪري ورتو هو ۽ تبليغ تي هليو ويو هو. ايس ايس پي ايسٽ چيو ته ڦر دوران قتل ٿيل شاگردياڻي مصباح جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، ان واقعي ۾ گند ميڙيندڙ افغاني ڏوهاري ملوث آهن. پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار پنهنجي ساٿي بشير افغاني سوڌو واردات ڪئي هئي، واردات دوران کسيل موبائل فون به هٿ ڪيو ويو آهي ۽ جوبدار جي ٻئي ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، اها افغاني گينگ آهي جنهن گند ميڙڻ کان پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ ڦريون شروع ڪيون، ڪراچي ۾ گند ميڙيندڙ افغاني ريڪي ڪري وارداتون ڪندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *