جهلم ۾ مسافر وين ۾ باهه، 8 ڄڻا سڙي فوت، 4 سخت زخمي

جهلم (ويب ڊيسڪ ) جهلم ۾ جي ٽي روڊ ڀرسان مسافر وين ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 8 مسافر سڙي فوت ۽ چار سخت زخمي ٿي پيا آهن. لاهور کان روالپنڊي ويندڙ مسافر وين ۾ ترڪي ٽول پلازا ويجهو اوچتو باهه لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي وين کي وڪوڙو وئي . وين ۾ سوار 16 مان اٺ مسافر سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي. وين ۾ سوار هڪ زخمي مسافر ٻڌايو ته هلندڙ وين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ته ريسڪيو ذريعن موجب باهه لڳڻ جو سبب شارٽ سرڪٽ يا گئس ليڪيج ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *