جنگ پاڪ-ڀارت مسئلي جو حل ناهي: شبانا اعظمي

 

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا شبانا اعظمي پاڪ-ڀارت تڪرار جي بابت سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ ٿيڻ مسئلي جو حل ناهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب نيوز 18 تي منعقد ڪيل سيشن دوران ڳالهائيندي شبانا اعظمي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ۽ ڀارتي عوام جي وچ رابطا ٿيڻ گهرجن  ۽ اسان کي پاڻ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏئي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾  شاگردن لاءِ ڪلرچرل ايڪسچينج پروگرام ٿيڻ گهرجي ته جيئن نوجوانن کي هڪ ٻئي جي باري ۾ ڄاڻڻ جو موقعو ملي سگهي. شبانا اعظمي  ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جو عوام ڪرڪيٽ ميچ دوران هڪ ٻئي خلاف هوندو آهي، پر فلم هڪ اهڙو رستو هوندي  آهي جنهن سان فنڪارن جي ذريعي محبت، امن ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهجي  ٿو.هن جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي طرفان گڏيل طور تي اهڙيون فلمون وڌيڪ ٺاهڻ گهرجن، جن سان محبت ۽ امن وارو ماحول پيدا ٿئي.اداڪارا وڌيڪ چيو ته جنگ ڪڏهن به پاڪ-ڀارت جي تڪرار جو حل نٿي ٿي سگهي، ان کان بهتر طريقو اهو آهي ته ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪيا وڃن ته جيئن امن سلامتي ۽ استحڪام قائم ٿي سگهي. واضح رهي ته اداڪارا شبانا اعظمي انساني حقن، ٻارن ۽ عورتن جي حقن لاءِ سرگرم آهي ۽ اڪثر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *