ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پرڏيهه ۾ رهندڙ عمران خان جي مداح جي خاص گاڏي ۾ واپسي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ جي چٽن امڪانن سان گڏ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پرڏيهه ۾ رهندڙ  عمران خان جو مداح واپس وطن موٽي آيو. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسپين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائو انور خان پنهنجي سڀ ڪجهه وڪرو ڪري روڊ رستي ڪيترن هزار ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري واپس وطن پهتو آهي، جنهن کي اميد آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي تبديلي ايندي. 64 ورهين جي انور خان 80 جي ڏهاڪي ۾ روزگار جي ڳولا ۾ پرڏيهه ويو هو. هن ٻڌايو ته هو پهريان سعودي عرب ۽ پوءِ اسپين منتقل ٿيو. پر جيئن کيس پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ڪاميابي جي خبر ملي، هن پنهنجو سڀ ڪجهه وڪرو ڪري پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ خاص گاڏي ۾ روڊ رستي وطن واپس پهتو. بقول انور خان جي پاڪستان تبديلي اچي رهي آهي ۽ جيڪي پاڪستان جي ٻاهر هوندا آهن، اهي ان حوالي سان وڌيڪ محسوس ڪندا آهن. انور خان جي خاص گاڏي ۾ بستر، رڌڻي ۽ سٽنگ ايريا پڻ موجود آهي. هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو پر ان جو مقصد پاڪستان ۾ امن آڻڻ ۽ ايندڙ خوشحالي جي  خوشخبري ڏيڻي آهي. انور خان موجب هن 9 هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ جو سفر ڪيو، هن پنهنجو گهر وڪرو ڪري ڇڏيو، اهو عارضي نه پر مستقل آهي. آخر ۾ هن مخالف ڌر پارٽين کي پڻ اپيل ڪئي ته هو عمران خان کي ڪم ڪرڻ ڏين، جيڪڏهن عمران خان ڊليور نه ڪيو ته اسان سڀ مخالف ڌر پارٽين سان هونداسين پر مخالف رڳو مخالفت واري سياست نه ڪن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *