
اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي سينيٽر چوڌري اعتزازاحسن کي پاناما ليڪس تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.رپورٽ مطابق پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شروٿ ٿيو ته اعتزاز احسن پاناما ليڪس تي ڳالهائيندي چيو ته جنهن معاملي سبب پارليامينٽ تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن اهو انتهائي سنگين آهي،صبح کان شام تائين جنهن معاملي تي ڳالهايو وڃي ٿو اهو معاملو ملڪ جي وزيراعظم تي سندس ڪٽنب سان سلهاڙيل آهي.جڏهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اعتزاز احسن کي ڳالهائڻ کان رڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته پانامالڪيس تي قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڏينهن بحث ٿي چڪو آهي ان لاءِ جيڪڏههن اعتزاز احسن ڳالهائڻ چاهي ٿو ته سينيٽ ۾ وڃي ڳالهائي.