هوائي فوج دهشتگردن جي چيلهه چٻِي ڪري ڇڏي آهي: خواجه آصف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هوائي فوج دهشدتگردن جي چيلهه چٻِي ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان پرامن ملڪ آهي، پاڙيسرين سان سٺا لڳاپا چاهي ٿو، هوائي فوج جي ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته سيڪنڊ اسڪوارڊرن ملڪي دفاع ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، خطي ۾ دفاعي توازن انتهائي ضروري آهي.ڪراچي ۾ پي اي ايف مسرور تي هوائي فوج جي سيڪنڊ اسڪواڊرن جي اپگريڊيشن تقريب واري تقريب ٿي، جنهن ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف ۽ هوائي فوج جي ايئر چيف مارشل سهيل امان شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته هوائي فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄوڪو ڏينهن هوائي فوج جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، پنهنجي پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، هوائي فوج دهشتگردن جي چيلهه چٻِي ڪري ڇڏي آهي. ايئر چيف مارشل سهيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بهترين ڪارڪردگي لاءِ هوائي فوج جو سيڪنڊ اسڪواڊرن تعريف جوڳو آهي، پاڪ فوج جو هر جوان ملڪي دفاع لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته خطي اندر دفاعي توازن انتهائي ضروري آهي، دهشتگردن خلاف آپريشن آخري مرحلي ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *