جمهوريت جي حمايت تي آرمي چيف کي ساراهڻ گهرجي، بند ڪمري جو فيصلو نه هلندو: سعد رفيق

لاهور( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جمهوريت جي حمايت ڪرڻ تي آرمي چيف کي ساراهڻ گهرجي، ڪنهن بند ڪمري جو فيصلو نه هلندو، طاهر القادري کي ڌرڻو هڻڻ بدران عدالت سان رابطو ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته پاڪستان عالمي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جو ڪا به پارٽي، حڪومت يا ادارو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، آرمي چيف وڏي واڪي جمهوريت جي حمايت ڪئي جنهن کي ساراهڻ گهرجي، ڪنهن بند ڪمري جو فيصلو نه هلندو، چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ سموريون پارٽيون گڏجي نئين پارليامينٽ ٺاهينديون. هن چيو ته پاڪستان ٺاهي ٿڪجي ايندڙ  پنهنجي بحالي ۾ لڳي ويا، جڏهن ته اقتدار ۽ پاليسي تي آمراڻي ۽ جاگيردارڻي سوچ جو قبضو ٿيو، ملڪ ۾ جمهوريت سان ڪيترائي ڀيرا ويساهه گهاتي ڪئي وئي، اڄ تائين جمهوريت حقيقي مقصد حاصل نه ڪري سگهي آهي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت جي ٽرين  ڪانٽو يا پٽڙي تبديل نه ٿي ڪري سگهي ان کي سڌو وڃڻ گهرجي. خواجه سعد رفيق چيو ته نواز شريف خلاف فيصلي سان جمهوريت کي نقصان پهتو، جهانگير ترين خلاف فيصلي يج حمايت نه ٿو ڪيان سياسي پارٽين کي جمهوري روين کي هٿي ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *