سنڌ صوبو تعليمي ميدان ۾ سڀ کان آخري 7 نمبر تي اچي ويو: الف اعلان جي رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سال 2017 ۾ سنڌ صوبو تعليمي ميدان ۾ سڀ کان آخري ستين نمبر تي اچي ويو آهي تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري اداري الف اعلان سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي تي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا الف اعلان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 2017 ۾ پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ سنڌ هڪ درجو گهٽجڻ سان تعليمي ميدان ۾ ستين ۽ آخري نمبر تي آهي سنڌ صوبي ۾ اسڪولن جو ڪل انگ 38 هزار 132 آهي جن مان 16 هزار کان وڌيڪ اسڪول بجلي ۽ 7 هزار کان وڌيڪ اسڪول پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن 23 هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ صرف هڪ بيت الخلا آهي ۽ 15 هزار 769 اسڪولن کي چوڌاري ڀتيون ڪونهن جڏهن ته 25هزار 588 اسڪولن جي عمارتن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڪراچي جي اسڪولن ۾ اوڀر ضلعن جي اسڪولن جي انفرااسٽيڪچر سڀ کان بهر جڏهن ته ملير جا اسڪول سڀ خراب ڄاڻايا ويا آهن هلندڙ سال تعليمي ميدان ۾ پهرين نمبر تي آزدڪشميرآهي اسلام آباد ٻئي نمبر تي پنجاب ٽيون ۽ گلگت بلتستان چوٿون خيبرپختونخوان پنجون بلوچستان ڇهون ۽ سنڌ ستين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *