جتي به وڃو رڳو گند جا ڍير لڳل آهن، ڇا صفائي لاءِ جنت مان فرشتا ايندا؟ : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي بابت جوڳا قدم نه کڻڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاق ۽ چئني صوبن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪراچي سميت جتي به وڃو، هر طرف گند جا ڍير لڳا پيا آهن، ڇا صفائي ڪرڻ لاءِ جنت مان فرشتا ايندا.؟ چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ماحولياتي گدلاڻي جي خاتمي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران وفاقي حڪومت پاران اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن پاران ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي بابت رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت بي اعتمادي جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته 2003 کان رڳو ڪاغذي  ڪارروايون ٿي رهيون آهن، 12 سال گذرڻ باوجود ڪي به عملي قدم ناهن کنيا ويا، ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا وڃن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ گندن جي ڍيرن کي باهه ڏني پئي وڃي، باهه جي دونهين سان آبادي وارا علائقا متاثر ٿي رهيا آهن. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ سمنڊ تي هڪ منٽ به بيهڻ ڏکيو آهي، ڇا صفائي ڪرڻ لاءِ جنت مان فرشتا ايندا.؟ ڪي پي ڪي جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل قادر بلوچ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ٻوٽا لڳائڻ لاءِ سونامي مهم شروع ڪئي وئي آهي، ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سونامي جو مطلب ته تباهي هوندو آهي، ڇا توهان ٻوٽن جي تباهي چاهيو ٿا.؟ خيبرپختونخواهه جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مهم جو نالو سونامي رکيو ويو آهي، هو تباهي نه پر ماحول جي بهتري چاهين ٿا. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته ماحول جي بهتر جي ڳالهه بعد ۾ ڪيو، پهريان صوبي جون اسپتالون ڏسو ته انهن جو ڪهڙو حاصل آهي. عدالت، وفاق ۽ چئني صوبن کان ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *