هاري پيڪيج ٽوپي ڊرامو،روڊ ٺاهڻ سان غربت ختم نه ٿيندي:خورشيد شاهه

سوات (م.ڊ) سوات ۾ ضلعي بار ايسوسيئشن ۽ هنگورا ۾ ضلعي صدر شمشير علي خان جي گهر تي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي،قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف جي موٽروي ۽ ٻين ترقياتي رٿائن جي اعلانن سان غربت ختم نٿي ٿي سگهي،هاري پيڪيج به ٽوپي ڊرامو آهي،ڇو ته هاري بک مري رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته يهودي گروهه مسلمانن جو اوڍڻ اوڙهي دهشتگردي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دهشتگردي پکيڙڻ وارا اڄ سپر پاور بڻيا ويٺا آهن،خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪنٽينر تي چڙهندڙن جي جمهوريت جي خلاف سازش پيپلز پارٽيءَ ناڪام بڻائي ، ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي سُڌ سماءَ واري وزير قمر زمان قائرا ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *