اوگرا عيد کان پهرين عوام تي ٻيو مهانگائيءَ جو بم ڪيرائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ)عيد کان پهرين عوام تي هڪ ٻيو مهانگائيءَ جو بم ڪيرائڻ جون تياريون: اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي. اوگرا طرفان اگهن ۾ واڌ واري سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي وئي، جنهن ۾ مجموعي طور 8 رُپيا اضافو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جون کان پيٽرول 8 رُپيا 53 پئسا في لِٽر ۽ ڊيزل 8 رُپيا 99 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جڏهن ته گاسليٽ هڪ رُپيو 69 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل هڪ رُپيو 68 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *