تحريڪ انصاف تيل جي اگهن ۾ معمولي گهٽائي کي مڪمل طور رد ڪري ٿي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تيل جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي کي قوم سان مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت عالمي مارڪيٽ تحت تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي نه ڪئي ته تحريڪ انصاف روڊن تي نڪرندي.عمران خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته تحريڪ انصاف تيل جي اگهن ۾ معمولي گهٽائي کي مڪمل طور رد ڪري ٿي، عوام جي روڊن تي نڪرڻ کانپوءِ حڪومت کي هوش ايندو.عمران خان چيو ته جيڪڏهن حڪومت عالمي مارڪيٽ جي اگهن موجب تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪئي ته هو روڊن تي نڪرندا، اميد آهي ته حڪومت سندن روڊن تي نڪرڻ کان اڳ ئي تيل جا اگهه گهٽ ڪري ڇڏيندي.عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف کان وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ عوام کي مشڪلاتن ۾ وجهي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *