ايم ڪيو ايم ڳالهه ٻولهه جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي: الطاف حسين

لنڊن  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي، ايم ڪيو ايم جي مڙني اڳواڻن ۽ زميوارن ۽ ڪارڪنن جو اهو اٽل فيصلو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جا مطالبا منظور ڪري ٿي ته اسان اسيمبلين ۾ وينداسين، نه ته اهي اسيمبليون حڪومت کي مبارڪ هجن، هن چيو ته هڪ وقت ايندو جڏهن ايم ڪيو ايم جي بي گناهه ڪارڪنن تي ظلم ڪندڙ عوامي احتساب سان منهن ڏيڻو پوندو، قدر حق پرستي جي تعريف کي اهڙي رستي تي بيهاريو آهي جيڪي ماڻهو اسان کي مڙهيندڙ ظلم تي خوش ٿين ٿا، اڄ هو قدرت جي مقافات عمل جو شڪار ٿي ويا آهن، اها ڳالهه هن نائين زيرو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي استعيفيٰ ڏنل ميمبرن، سينيٽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي به موجود هئا، پنهنجي خطاب ۾ الطاف حسين اسلامي تعليم جي روشني ۾ ڪساس ودعيت ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال، ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، الطاف حسين سورت بقرا جي آيت جي تلاوت ڪئي ۽ ان جو ترجمو پيش ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي چاهيندڙن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪندو آهي، ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻت آزمائشي مرحلا آيا، ڪڏهن اهڙا فيصلا به ڪرڻا پيا جيڪي بظاهر عهد وفا ۽ تجديد عهد ڪرڻ وارن جي سمجهه ۾ نه آيا، جيئن مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان تي اعتراض ڪيا ويا، مون چيو هو ته اسان متحده بڻائي رهيا آهيون پر لفظ مهاجر کي نٿا ڇڏيون، اسٽبلشمينٽ ماڻهن جو زهن خراب ڪيو 7 انهن کي بد دل ڪرڻ لاءِ پروپگندا ڪيو ۽ چيو ته مهاجر ازم کي فراموش ڪيو ويو آهي، اهڙي مختلف سياسي پارٽين سان اتحاد ڪرڻ جا فيصلا ٿيا ۽ تازوئي تحريڪ جي قيادت ۽ گڏيل صلاح مشورو ڪري ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن کي چيو ته پنهنجون پنهنجون استعيفائون ڏنيون وڃن، ڪارڪنن جي وڏي اڪثريت ان فيصلي جي حمايت ڪئي، پر ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ساٿين اهو فيصلو عجيب لڳو هجي، هن چيو ته مان ته فوج جي ڪجهه آفيسرن جي غلط رويي تي تنقيد ڪئي پر ان پاران چيو ويو ته سر جو جواب سر سان ڏينداسين، جنگ ٿيندي، وفاق ٻڌائي ته سنڌ کي پاڪستان سان شامل رکڻ يا نه هن وڌيڪ چيو ته جن ڳالهين تي ايم ڪيو ايم ۽ مون کي برو ڀلو چيو ويو اڄ اهي ماڻهو منهنجن ڳالهين کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته الله تعاليٰ جي فرمان موجب هڪ ماڻهو جو بنا سبب قتل پوري انسانيت جو قتل جي برابر آهي. ماضي ۾ بينظير ڀٽو  ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي انعام ڏنا هئا، ۽ انهن کي سلوٽ ڪندا هئا پر انهن کي اهڙي قسم جي عمل جو منهن ڏيڻو پيو، هن چيو ته حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان آهي ته قفر جي حڪومت رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت ڪڏهن به قائم نٿي رهي سگهي، الله جو شڪر آهي ته مان اڄ تائين جيڪو ڪيو آهي الله تعاليٰ ان کي منهنجي زندگي ۾ پورو ڪيو آهي، اها ڳالهه نوٽ ڪئي وڃي ته جن جن عينڪر پرسن ۽ تجزئي نگارن منهن جي بي گناهه ساٿين کي عدالت قتل کي جائز قرار ڏنو، ڪوڙا الزام لڳايا ۽ مطالبي لاءِ آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس قائم ڪيو وڃي، انشاالله انهن کي الله تعاليٰ هن دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ڪندو. هن چيو ته منهنجي زندگي ۾ تحريڪ کي ڪاميابي ملي ته ايم ڪيو ايم کي غلط بيان ڪندڙن ٽي وي چيلينجز کي عوامي احتساب جو منهن ڏيڻو پوندو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جمهوريت پسند پارٽي آهي، هن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو حالتن تي ڪڙي نظر رکن ۽ پنهنجن صفن ۾ اتحاد رکن ۽ حق پرستي جي جدوجهد جاري رکن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *