بهادر ماڻهن جو ظلم خلاف حق جو آواز بلند ڪرڻ للڪارڻ تاريخ جو هميشه کان روشن ۽ يادگار باب رهيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بهادر ماڻهن جو ظلم خلاف حق جو آواز بلند ڪرڻ للڪارڻ تاريخ جو هميشه کان روشن ۽ يادگار باب رهيو آهي، ڀارتي مسلمان صحافي عورت رعنا ايوب جنهن بهادري سان پنهنجا فرض ادا ڪيا کيس جس آهي، جمعي تي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بهادر صحافي عورت مودي جي ايجنڊا ۽ ظلم کي وائکو ڪري ڇڏيو، جيل ۾ تبديل ٿيندڙ والاريل وادي ۾ انٽرنيٽ، موبائيل فون، لينڊ لائين ۽ ميڊيا تي پابندي آهي، ايتري ۾ هڪ صحافي جو فرض ادا ڪرڻ پروفيشنل ازم ۽ جرئت جو عظيم مثال آهي، هن چيو ته رعنا ايوب والاريل ڪشمير ۾ سڀ ٺيڪ آهي مودي حڪومت جي ڪوڙ کي پڌرو ڪري ڇڏيو، سريننگر ۾ ڇانيل خوف ۽ ويران رستن جي حقيقت سڄي دنيا ۾ ظاهر ڪري ڇڏي.  نيو يارڪ جي ميگزين ۾ ڇپيل مضمون مودي جي ڀارت ۾ خون ۽ خاڪ رعنا ايوب جي صلاحيتن جو شاندار اعتراف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *