سنڌ جا اعتراض رد، ارسا به ڪوٽري کان ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ زيان قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م.ڊ) سينيٽ جي پاڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان پوءِ ارسا به ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي کي زيان قرار ڏيندي هر سال 29 ارب ڊالرن جي ماليت جو 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، تڪراري گريٽر ٿل ڪينال جي فيز 2 ۽ 3 جي منصوبن تي سنڌ پاران اعتراض واريو جنهن کي پنجاب توڙي وفاقي حڪومت بي بنياد قرار ڏئي رد ڪيو ويو آهي، سينيٽ جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس يوسف باديني جي صدارت ۾ ٿيو، 991ع ٺاهه تحت پاڻي ورڇ بابت پنجاب جي مقرر ميمبر رائو ارشاد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي، هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي معاشي قيمت هڪ ارب ڊالر آهي، هن چيو ته پاڻي موجودگي ۾ اضافو رڳو ملڪ اندر ڊيم ٺاهي ڪري سگهجي ٿو، هر سال مجموعي طور تي 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو، جنهن جي قيمت 19 ارب ڊالر ٿئي ٿي، اهو پاڻي اسان ڊيم ٺاهي گڏ ڪيون ته وڌيڪ زمينون آباد ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته 2025ع تائين في ڪس پاڻي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، اها گهٽتائي ان ڪري نه ايندي ته پاڻي جي آمد گهٽ ٿي رهي آهي پر اها گهٽتائي آبادي ۾ اضافي ڪري ايندي، هر سال 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ ڇڏي ضايع ڪندا رهنداسين ته بکيا مرنداسين. جيستائين ڊيم نه ٺهندا بکيا مرنداسين. هن انڪشاف ڪيو ته ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ جو ٺيڪو پنجاب حڪومت جي چوڻ تي رد ڪيو ويو، هاڻي نئين سر بڊنگ ڪئي ويندي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته پنجاب صوبي جي چوڻ تي ٺيڪو رد ڪيو ويو، اها ڪمپني پنجاب ۾ ته ڪم ڪري رهي آهي، اتي ته کيس بليڪ لسٽ ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته پاڻي استعمال ڪرڻ جو فائدو وٺندڙ صوبا ئي ٽيليميٽري سسٽم ۾ رڪاوٽ آهن، ڪاميٽي سفارش ڪري ٿي ته ٽيليميٽري سسٽم تڪڙي بنيادن تي لڳايو وڃي ۽ سنڌ جي اسپيشل آبپاشي سيڪريٽري اسلم انصاري چيو ته پنجاب پاران گريٽر ٿل ڪينال جي فيز ون ۽ ٽو جي صورت ۾ ريماڊلنگ تي سنڌ کي اعتراص آهن، ان سان سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيندا، پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي پورو کڻي رهيو آهي، اگر گريٽر ٿل ڪينال ۾ ايترو وڌيڪ پاڻي کڻندو ته پنجاب ٻڌائي ته اوترو پاڻي ڪٿان گهٽ ڪندو، جنهن تي پنجاب جي آبپاشي اختيارين چيو ته گريٽر ٿل ڪينال جو پاڻي 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ منظور ٿيل آهي، جيڪو پاڻي استعمال ڪنداسين ته ان جي اسان ٻئي هنڌ مرحليوار ايڊجسٽمينٽ ڪنداسين، گريٽر ٿل ڪينال جي توسيع جي منصوبي تي سنڌ جون شڪايتون قطعي طور بي بنياد آهن، پنجاب صوبي جي موقف جي پاڻي مامرن جي وفاقي سيڪريٽري محمد اشرف به حمايت ڪئي. پاڻي ورڇ تي هر صوبو آخري حد تائين وڃي سگهي ٿو، پنجاب مطالبو ڪيو ته جيستائين بيراجن تي ٽيليميٽري سسٽم نه ٿو لڳي تيستائين ارسا بيراجن تي انسپيڪٽر مقرر ڪري، سنڌ پاڻي جا وهڪرا گهٽ ٻڌائيندي آهي. پاڻي گهٽ ظاهر ڪرڻ وارن الزامن جو جواب ڏيندي سنڌ جي اسپيشل سيڪريٽري اسلم انصاري چيو ته اگر ڪنهن جو مقصد ئي ڪنهن تي ڪيس ٺاهڻ هجي ته ان کي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، نارا ڪينال ۾ 21 هزار ڪيوسڪس پاڻي جي ڳالهه ڪئي وئي پر ان ۾ ته 14 هزار ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي نه ٿو کڻي سگهي،هن چيو ته ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪرڻ تي اسان کي اعتراض آهي جيڪو سنڌ سي سي آءِ ۾ به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *