بنگلاديشي بيٽسمين تميم اقبال پنهنجي ٽيم کي پاڪستان گهرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ پشاور زلمي پاران کيڏندڙ اوپنر بنگلاديشي بيٽسمين تميم اقبال پنهنجي ٽيم کي ايندڙ سال پاڪستان ۾ کيڏائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.تميم اقبال جو چوڻ آهي ته سندس ٽيم ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿي،سندس چوڻ هو ته پاڪستان سپر ليگ سبب پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ٿي سگهي ٿي ۽ دنيا کي پاڪستان وڏا ڪرڪيٽر ملندا.تميم اقبال چيو ته ايندڙ سال بنگلاديشي ٽيم ضرور پاڪستان جو دورو ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *