سياست جا بدلجندڙ رنگ: واحد پارس هيسباڻي

انڊلٺ جا ته 7 رنگ هوندا آهن، پر سياست جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جيڪي پل پل ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا، جيڪو رنگ صبح جو آهي اُهو منجهند تائين برقرار رهي، ان جي ڪابه ضمانت نه ٿي هجي، شام ۽ رات ته گهڻي پري جي ڳالهه آهي. رات جو اهي رنگ تبديل ٿيڻ جا وري وڏا مثال رهيا آهن. اِهو ئي آهي جو سياست سان لاڳاپيل ماڻهو ايترو اسپيس ضرور رکن ٿا جو اوچتي بدلجندڙ رنگ سان ايڊجسٽ ڪري سگهن يا ان کي منهن ڏئي سگهن.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ پاسي موسم پنهنجا عجيب رنگ بدلائڻ شروع ڪيا آهن، جنهن هر ماڻهوءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، کنگهه کڙڪي کان ڪير به بچيل ڪونهي، ته ٻئي پاسي سياست به نوان رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن ۽ هاڻي ان جا منظر وزيراعظم هائوس تائين نظر اچي رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ پاڻ واري وزيراعظم نيب جي حوالي سان جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ان ڪيترن کي ئي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته نيٺ اوچتو ئي اوچتو اهڙو ڇا ٿي ويو آهي يا ڇا ٿيڻ وارو آهي جو ميان صاحب جي جذبات جو پارو اِن حد تائين پهچي ويو آهي، نه ته هِن کان اڳ ۾ جڏهن اهڙي قسم جون دانهون سنڌ سرڪار جي صفن مان ٿينديون هيون ته ان کي هڪ وڏي ٽهڪ سان نظرانداز ڪيو ويندو هو… وزيراعظم ته ڳالهه ڪري ڇڏي پر ان کانپوءِ وزيرن مشيرن جي هڪ پوري لاٽ جيڪا تشريح ڪرڻ شروع ڪئي آهي اُها جتي دلچسپ آهي اتي بحث جا نوان سلسلا شروع ڪندڙ به آهي. پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جنهن جو اندازِ بيان شروع کان ئي نرالو رهيو آهي، ان ته ٻه هٿ اڳتي وڌي ايترو به چئي ڇڏيو آهي ته پنجاب سنڌ ناهي جو نيب کي جيئن وڻي ائين ڪارروائي ڪرڻ ڏينداسين…. ان ڳالهه جو ٻيو مطلب اِهو آهي ته نيب کي سنڌ ۾ ته سڀ ڪجهه ڪرڻ جي مڪمل اجازت آهي پر پنجاب ۾ کيس اهڙي قسم جي ڪابه اجازت نه آهي، ان ڪري هوشياري وٺي…  نواز ليگ جيڪا وفاق ۾ يقين رکڻ جي دعويدار پارٽي آهي ۽ وري وري اِهي وضاحتون ڪندي رهي آهي ته هي صوبائيت تي يقين نه ٿي رکي، هن لاءِ سڀ صوبا برابر آهن، ڪير به گهٽ يا وڌيڪ ناهي، پوءِ اتي سندس حڪومت هجي يا نه هجي، پر راڻا صاحب جي بيان کانپوءِ ڳالهه ڳُڙ ٿي وئي آهي ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ’پردي ڪي پيڇي ڪيا هي…‘

سنڌ سميت باقي ٽن صوبن جو عوام جيڪو سالن کان اِهي دانهون ڪندو رهيو آهي ته نواز ليگ جي پنجاب کان اڳتي نظر ئي نه ٿي وڌي، کيس صرف ۽ صرف پنجاب جي ڳڻتي رهي ٿي، ترقياتي اسڪيمون هجن يا عوام کي رليف ڏيڻ وارو ڪو ٻيو معاملو هجي، ان ۾ پنجاب ئي پهرئين ترجيح تي آهي. تازي صورتحال کانپوءِ اهڙي قسم جي دانهن کي وزن ملي وڃي ٿو. راڻا صاحب واري هِن انداز هڪ ڀيرو ٻيهر ڇوٽي ميان جي اُها ڳالهه ياد ڏياري ڇڏي آهي، جيڪا هُن رومال ۾ ڍڪيل لفظن ۾ طالبان سان مخاطب ٿي چئي هئي،جنهن جو ڦري سري مطلب اهو ئي پئي نڪتو  ته پنجاب توهان جو دشمن ناهي، اسان توهان جا پنهنجا آهيون، ان ڪري اسان تي حملو نه ڪريو… ڳالهه رڳو اتي به دنگ نه ٿي ڪري، پر اهڙي قسم جا ڪيترائي موقعا آيا آهن، جنهن ۾ پاڻ واري وڏي ڀاءُ جون سدائين پنج ئي آڱريون گيهه ۾ رهيون آهن، پوءِ اُهو معاملو اين ايف سي ايوارڊ جو هُجي، پاڻي جي ورهاست جو هجي يا ڪو ٻيو هجي، پر پاڻ واري ادا وڏي جا هميشه وارا نيارا رهيا آهن. ائين به ناهي ته اِهي سموريون نوازشون صرف نواز سرڪار ۾ ئي مٿس ٿينديون رهيون آهن پر دور ڪهڙو به هجي، پوءِ اُهو جمهوري يا غير جمهوري پر بسن تي لکيل ليڊيز فرسٽ واري جملي وانگر پنجاب سدائين فرسٽ تي ئي رهيو آهي، اهي ساڳيا منظر اڃا به نظر اچي رهيا آهن. ٻين صوبن ۾ ڇا به ٿئي ٿو، پنجاب سان واسطو رکندڙ حڪمرانن جو ان سان نه ته ڪو واسطو آهي ۽ نه ڪا دلچسپي، بس ساڊي پنجاب دا خير هووي. ان رويي ئي باقي صوبن ۾ محرومي واري احساس کي نه رڳو طول ڏنو آهي پر ان جا مختلف موقعن تي مختلف صورتن ۾ ري ايڪشن پڻ سامهون ايندا رهيا آهن.

نيب جيڪا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪرپشن خلاف ڪارروائين ۾سرگرمِ عمل آهي، ان نيٺ اوچتو اهڙو ڇا ڪيو جو ان جو ري ايڪشن ڊائريڪٽ وزيراعظم هائوس مان اچي ويو؟ ان بابت جيتوڻيڪ سياسي مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گردش ڪري رهيون آهن پر مڪمل طور تي اهڙا ڪي به تفصيل سامهون ڪونهن، جنهن جي بنياد تي ائين چئي سگهجي ته اصل ڳالهه هي آهي. سياسي مارڪيٽ ۾ جيڪي خبرون گردش ڪري رهيون آهن، انهن ۾ هڪڙي خبر اِها به آهي ته نيب نه رڳو نواز ڪابينا جي ڪجهه اهم وزيرن جا کاتا کولڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر خود ميان صاحب جا اُهي فائيل به وري کولڻ چاهي ٿي، جيڪي مشرف دور ۾ ٺهيا هئا، هاڻي خبر ناهي انهن خبرن ۾ ڪيتري صداقت آهي، بهرحال ڪا نه ڪا ڳالهه ضرور آهي، جيڪا ايڏي شديد ردعمل جو ڪارڻ بڻي آهي. ان ردعمل مخالف ڌرين کي ڄڻ ته ڳالهائڻ جو نئون موقعو ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪي ڪالهه تائين نيب جا ستايل محسوس ٿي رهيا هئا ۽ ان جي ڪارروائين کي سياسي انتقام جو نالو ڏئي صوبائي خودمختياري مٿان حملو چئي رهيا هئا، هاڻي اُهي نيب جي تعريف ۾ پورا نه پيا پون ۽ اِهي مطالبا ڪري رهيا آهن ته ڪرپشن خلاف ڪارروائين وارو اِهو سلسلو وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي طرف اخباري رپورٽن مطابق نيب چيئرمين، ڊي جي نيب پنجاب کي ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. ميان صاحب جنهن جي ماضي واري حڪومتي تڏا ويڙهه پٺيان مک سبب ادارن سان ٽڪراءُ وارو ڄاڻايو ٿي ويو، هڪ ڀيرو ٻيهر حالتون الائي ڇو هڪ نئين ٽڪراءَ طرف ويندي محسوس ٿي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ ميان صاحب جو اِهو بيان به وڏو معنيٰ خيز آهي ته ”ووٽ عوام ڏيندو آهي ۽ حڪومت ڪيرائي ڪو ٻيو ڇڏيندو آهي، هاڻي اِهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي…..“  هي پنهنجي نوعيت جو انتهائي معنيٰ خيز بيان آهي، جنهن جي پٺيان ڪا نه ڪا ڪهاڻي ضرور آهي، جيڪا اِن ري ايڪشن جو ڪارڻ بڻي آهي.

هڪڙي پاسي سياست جو اِهو رنگ آهي ته ٻئي طرف وري ايم ڪيو ايم اڳواڻن طرفان ايندڙ 15 ڏينهن اهم قرار ڏيڻ ۽ عوام کي کاڌي پيتي جون شيون ذخيرو ڪرڻ واري صلاح ڏيڻ واري بيان پڻ بحث جا نوان سلسلا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ نئون رنگ وري نيويارڪ مان اڏامندو اچي پهتو آهي، خبرون آهن ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽي زرداري ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ پارٽيءَ جون سموريون واڳون بلاول حوالي ڪندي، کيس صوبائي توڻي علائقائي قيادت تبديل ڪرڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن، اِهو رنگ ڪيترو رچي ٿو ۽ ان مان ڪهڙا نوان رنگ جڙي سامهون اچن ٿا، اِهو اڳتي هلي ڏسڻو آهي. بهرحال هينئر پاڻ واري پياري پاڪستان جو سياسي ماحول ڏاڍو دلچسپ به آهي ته سمجهه ۾ نه ايندڙ به آهي. هڪڙو ڪوهيڙو آهي، جيڪو ماحول تي ڇانيل آهي، ڪوهيڙو لهڻ کانپوءِ منظر ڪهڙا نظر اچن ٿا، سڀ ڪنهن کي ان جو انتظار آهي… اهي سڀ شيون پنهنجي جڳهه تي، بس جمهوريت ۾ يقين رکندڙ ماڻهن جي هڪڙي ئي خواهش آهي ته شل جمهوريت جو خير هجي.

wahidparas@yahoo.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *