
اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران حڪومتي ٽي او آرز کي رد ڪيو آهي جنهن سان حڪومت کي هڪ وڌيڪ ڌچڪو لڳو آهي، ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هاڻ لڪڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪا به جڳهه نه بچي آهي ۽ هاڻ وفاقي حڪومت کي اپوزيشن سان گڏ ويهي نوان ٽي اور آرز بڻائڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ڪرڻو پوندو، حڪومت کي اپوزيشن جا ٽي او آرز مڃڻا پوندا، هن چيو ته بنا ڪنهن فرق جي احتساب جي شروعات وزيراعظم کان ٿيڻ گهرجي.