بلاول ڀٽو کي سياست بابت ڪهڙي ڄاڻ آهي؟،مون وٽ اچي ته کيس سيکاريان ته وڏو ليڊر ڪيئن ٿبو آهي:عمران خان

عمرڪوٽ(نمائندو) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو کي سياست بابت ڪهڙي ڄاڻ آهي؟، هو مون وٽ اچي ته کيس  سيکاريان ته وڏو ليڊر ڪيئن ٿبو آهي، جمهوريت آهي ته بلاول کي اهڙي تقرير نه ڪرڻ کپي ها، جيڪڏهن بادشاهت آهي ته پوءِ مٿس معيار ناهي. عمرڪوٽ ۾ ڪارڪنن ۽ چونڊ اميدوارن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو تهسنڌ جا ماڻهو غلامي واري زندگي گذاري رهيا آهن، جنهن مان کين ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو. عمران خان چيو ته ظالم ماڻهو صاف شفاف چونڊون ٿيڻ نه ڏيندا، سنڌ جي ماڻهن کي ظلم جو خاتمون آڻڻون پوندو نه ته سندن ٻچڙا به غلامي واري زندگي گذاريندا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سنڌ جا وڏيرا سڀ کان وڌيڪ بزدل آهن، جيڪي پوليس جي پٺيان پٺيان هلن ٿا. عمران خان بلاول ڀٽو کي مخاطف ٿيندي چيو ته بلاول پٽ توهان کي سياست بابت ڪهڙي ڄاڻ آهي؟، مون وٽ اچو ته توهان کي سيکاريان ته وڏو ليڊر ڪيئن ٿبو آهي. عمران خان چيو ته جمهوريت آهي ته بلاول ڀٽو کي اهڙي تقرير نه ڪرڻ کپي ها، جي ڪڏهن ته بادشاهت آهي ته مٿس معيار ناهي. عمران وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ به شوڪت خانم اسپتال قائم ڪئي ويندي ۽ 29 ڊسمبر تي پشاور ۾ شوڪت خانم ڪئنسر اسپتال جو  افتتاح ڪيو ويندو. عمران خان ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ بعد هيليڪاپٽر ذريعي ماتلي روانو ٿي ويو، جتي هو عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *