اينٽي ڪرپشن جا نوبشاهه، ڏهرڪي، ٺارو شاهه ۽ ڀرياسٽي جي اسپتالن تي ڇاپا، رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) اينٽي ڪرپشن جون سنڌ ۾ ڪاررايون جاري آهن،  نوبشاهه، ڏهرڪي، ٺارو شاهه ۽ ڀرياسٽي  جي اسپتالن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو  آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي ڪراچي جي اردو بازار ۾ ڪارروائي ڪري غير قانوني طور ڇپيل ڪتاب هٿ ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم نوابشاهه جي پيپلز  ميڊيڪل يونورسٽي اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ عملي ۽ مريضن کان پڇا ڳاڇا ڪئي. اسسنٽنٽ ڊائريڪٽر علي اڪبر بروهي جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم  تي اسپتالن ۾ دوائن ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪئي وئي وڃي. ڏهرڪي جي تعلقي اسپتال تي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو هڻي عملي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن نوشهرو فيروز جي ٽيم سرڪل آفيسر اسد الله ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ رورل هيٿ سينٽر ٺارو شاهه ۽ رورل هيلٿ سينٽر ڀرياسٽي تي ڇاپا هنيا. ڇاپن دوران رورل هيلٿ سينٽرز تي دوائون جي خريداري ۽ سينٽرز جي بجيٽ بابت رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي. سرڪل آفيسر اسد الله ڦلپوٽو جو چوڻ  هو ته ٺارو شاهه رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپي دوران لکين رپين جون مدي خارج دوائون هٿ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڇاپن دوران مريضن دوائون نه ملڻ ۽ درست نموني علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون آهن، جنهن بابت جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايف آءِ اي اردو بازار ۾ ڪارروائي دوران فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا غير قانوني طور 1737 ڇپيل ڪتاب هٿ ڪري ٻن ڄڻن عظمت علي ۽ محمد عارف کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *