برهمداغ بگٽي ۽ ٻيا بلوچ انتهاپسند دشمنن کان پئسو وٺي عليحدگي پسندي کي هٿي ڏئي رهيا آهن پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي سيڪريٽري اعجاز چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف پاران برطانوي وزير اعظم سان بلوچ انتهاپسندن ۽ حزبِ تحرير جو معاملو اٿارڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، برهمداغ بگٽي ۽ ٻيا بلوچ انتهاپسند دشمنن کان پئسا وٺي ملڪ اندر عليحدگي پسندي کي هٿي ڏئي رهيا آهن. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏنل ڄاڻ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اعجاز چوڌري ٻڌايو ته آرمي چيف برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان بلوچ انتها پسندن ۽ حزب تحرير جو معاملو اٿاريو آهي، جيڪا نئين ڳالهه نه آهي. هن چيو ته اهو معاملو اڳي به يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان اٿاريو ويو آهي. اعجاز چوڌري ڪميٽي کي ٻڌايو ته برهمداغ بگٽي ۽ ٻيا بلوچ انتها پسند دشمنن کان پئسو وٺي انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي کي هٿي ڏئي رهيا آهن، جيڪي ملڪ سندن مالي مدد ڪندا انهن سان اهو معاملو اٿاريو ويندو. پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارت هڪ طرفو ڳالهين جو سلسلو بند ڪري رکيو آهي، پاڪستان سٺي پاڙيسري وارا لاڳاپا قائم رکڻ گهري ٿو پر اهو سڀ ڪجهه هڪ طرفو ممڪن نه آهي، ان لاءِ ڀارت کي به اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر حاجي عديل جي سربراهي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سرتاج عزيز ٻڌايو ته پاڪ-افغان لاڳاپن جي بهتري لاءِ چين ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. اجلاس کي وزير اعظم جي پرڏيهي دورن ۽ افغان صدر اشرف غني جي پاڪستاني دوري بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وزير اعظم جي چين ۽ جرمني وارن دورن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *