گستاخ خاڪن خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا، ڪراچي ۾ چڪريون، ٻن صحافين سميت پنج ڄڻا زخمي

اسلام آباد/ڪراچي/لاهور(م.ڊ) سني تحريڪ جي سربراهه محمد ثروت اعجاز قادري جي اپيل تي توهين آميز خاڪن خلاف جمعي تي ملڪ گير مذمت جو ڏينهن ملهايو ويو. سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ جمعي جي خطبن دوران توهين آميز خاڪن خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا جڏهن ته راولپنڊي،لاهور، فيصل آباد، گوجرانواله، ملتان، حيدرآباد، سکر، پشاور ۽ مظفر آباد سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جمعي جي نماز کان پوءِ احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ ريليون به ڪڍيون ويون. گستاخ خاڪا ٻيهر شايع  ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج دوران مڇريل ماڻهن فرانس جي قونصليٽ جو گهيراءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي اسلامي جمعيت طلبه ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين سبب ٻن صحافين سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته علائقو ڪيتري ئي دير تائين جنگ جو ميدان بڻيل رهيو. ڪراچيءَ ۾ اسلامي جمعيت طلباءِ جي ڪارڪنن ٽيــِن تلوار ڪلفٽن کان احتجاجي ريلي ڪڍي. احتجاجي مظاهرو ڪندڙن، فرانسيسي قونصل خاني ڏانهن وڌڻ جــِي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، جنهن بعد مڇريل ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون. پوليس، احتجاج ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ مٿن واٽر ڪينن جو استعمال، لٺبازي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي،جڏهن ته مڇريل ڪارڪن به اهلڪارن تي پٿراءُ ڪندا رهيا. چڪرين دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪئمرامين عديل، فوٽوگرافر آصف حسنين ۽ هڪ پوليس اهلڪار اخلاق سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. گوليون لڳڻ سبب پرڏيهي خابرو اداري جو فوٽو گرافي محمد آصف ۽ مقامي ٽي وي جو ڪئميرامين عديل پير ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته مظاهرين جي پٿراءُ سبب هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو، ٻئي طرف جناح اسپتال جي حادثن واري شعبي جي انچارج سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته فوٽو گرافي محمد آصف کي سيني ۾ گولي لڳي آهي جنهن جو آپريشن ڪيو پيو وڃي هوڏانهن ڇڪتاڻ واري صورتحال تي قابو ڪرڻ ڪرڻ لاءِ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي پوزيشنون سنڀالي ورتيون جڏهن ته ان دوران ڪيترن ئي شاگردن يک گرفتار ڪيو ويو ۽ شاگرد ٻيهر تين تلوار تي جمع ٿي ويا.ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي پوزيشنون سنڀالي ورتيون،جڏهن ته ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو. فرانسيسي قونصليٽ آڏو چڪرين سبب تين تلوار وارو علائقو ڪيتري ئي دير تائين جنگ جو ميدان بڻيل رهيو ۽ علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. جماعت الدعوه آچر تي توهين وارن خاڪن جي ڇپائي خلاف مال روڊ تي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو حافظ سعيد سياسي ۽ مذهبي پارٽين سميت سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي مظاهري ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي لاهور ۾ جماعت الدعوه جي اهتمام هيٺ توهين وارن خاڪن خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي حافظ سعيد جو چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت طرفان مذمتي قرارداد سٺو قدم آهي پر زباني خرچ بجاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ديني ۽ سياسي پارٽين کي  ان مسئلي بابت سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي، جماعت الدعوه جي امير جو چوڻ هو ته فرانس ۾ سڀني اسلام مخالف گروهن جو گڏ ٿيڻ اعلان جنگ آهي، پنهنجي نبي صه جي حرمت تي سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته 60 مسلم ملڪ کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿي ايندڙ لائحه عمل تيار ڪن، مسلم امت گڏ ٿي وڃي ته اولهه جون سازشون ختم ٿي وينديون، حافظ سعيد جو چوڻ هو ته سڀني کان وڏي دهشتگردي توهين وارا خاڪا شايع ڪرڻ آهي، حڪمران جيڪڏهن دهشتگردي جو خاتمو چاهين ٿا ته انهن خلاف تحريڪ هلائين دهشتگردي کي اولهه ڦهلائي رهيو آهي. سني تحريڪ جي سربراهه ثروت اعجاز قادري چيو ته توهين رسالت دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگردي آهي. راءِ جي اظهار جي آزادي جي نالي تي مسلمانن جي مذهبي جذبن تي ٺٺول جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ توهين آميز خاڪن خلاف مذمتي ٺهراءَ جي آجيان ڪريون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *