اڄ قوم ٻاهر نڪري، ڪشمير ۾ ڀارتي قدم جنيوا ڪنونشن تحت جنگي ڏوهه آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) پاڪستاني قوم اڄ جمعي تي ڪشمير آور ملهائيندي، جنهن جو مقصد ڪشمير جي مظلومن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ آهي، ايڪتا ڪشمير آور ڏينهن جو 12 کان ساڍي 12 وڳي تائين ملهايو ويندو، سڄي ملڪ ۾ سائرن وڄايا ويندا جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ڄمون ڪشمير جو ترانو وڄايو ويندو ان دوران سموري ٽريفڪ ۽ ماڻهو بيهجي ويندا، ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ وزيراعظم، وڏا وزير ۽ پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجن لاڳاپيل سيڪريٽريٽ ۽ آفيسن جي عمارتن جي ٻاهران، سڄي ملڪ ۾ ٻيا ماڻهو پنهنجين آفيسن، گهرن، مارڪيٽن ۽ واپاري مرڪزن جي ٻاهران گڏ ٿيندا، جمعي جي نماز جي اجتماعن ۾ خاص دعائون گهريون وينديون، هن ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ عوامي ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ معاشري جي سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا.  ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ قوم اڄ ٻاهر نڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم اڄ جي ڏينهن 12 وڳي کان ساڍي ٻارهين وڳي تائين ڪشميرين لاءِ نڪري، قوم اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري، ڪشمير ۾ ڀارتي قدم جنيوا ڪنونشن تحت جنگي ڏوهه آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ معصوم ڪشميري عوام جو قتل پاڪستان قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻارڙن ۽ عورتن جو به ڀارتي فوج هٿان قتل عام مودي حڪومت جي نسل ڪشي جو ايجنڊا آهي، اڄ عوام 12 وڳي کان ساڍي 12 وڳي تائين روڊن تي نڪري ڪشميري عوام کي پيغام ڏئي ته هو هنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته عوام ٻاهر نڪري ڪشميرين يڪجهتي جو اظهار ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ واضح پيغام موڪلي، ڪشميرين کي پيغام ڏنو وڃي ته سڄي پاڪستاني قوم ڪشمرين سان گڏ آهي، قوم والاريل ڪشمير ۾ 24 ڏينهن کان جاري غير انساني ڪرفيو ۽ فاشسٽ ظلم تي احتجاج ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *