سدائين ٻه طرفي ڳالهين جي حمايت ڪئي، هاڻ ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيوآهي ته پاڪستان سدائين ٻه طرفي ڳالهين جي حمايت ڪئي پر هاڻ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگھن. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ويڪلي پريس بريفنگ دوران ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي بڻايو آهي، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي به پابندي لڳائي آهي، والاريل ڪشمير ۾ لاڳيتو ڪرفيو لاڳو آهي جنهن سبب اتي خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ آهي، ڪشميري ڀارتي قدم خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ ايترا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جو جيلن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي گنجائش ئي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي مذمت ڪري ٿو، والاريل ڪشمير جي حريت قيادت کي آزاد ڪيو وڃي، ڀارت دنيا کي گمراهه ڪرڻ بند ڪري، ڀارت کي جيڪو وڻي چوندو رهي ان سان حقيقت تبديل نٿي ٿي سگھي. مسئلو ڪشمير رياست جو آهي جنهن جو فيصلو ٿيڻو آهي. ڪشميرين جا جذبا جيستائين نه ڏٺا ويندا تيستائين اڳتي نٿو وڌي سگھجي. سندس چوڻ هو ته ايل او سي تي ڀارتي فائرنگ سان معصوم شهرين شهيد ٿيا، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو، پرڏيهي وزير ڀارتي قدمن بابت مختلف ملڪن کي خط لکيا، هن دنيا کي آگاهه ڪيو ته ڪشميرين جي حمايت ۾ ڪنهن به حد تائين وينداسين، پاڪستان ڪڏهن به ٻه طرفي ڳالهين کان پٺتي ناهي هٽيو، سدائين ٻه طرفي ڳالهين جي حمايت ڪئي پر هاڻ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگھن، ڪشميري مئسلي تي عالمي عدالت وڃڻ بابت صلاح مشورو ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي وزير جا گڏيل قومن جي انساني حقن واري اجلاس ۾ وڃڻ جا امڪان آهن. ڀارت لاءِ هوائي حدون بند ڪرڻ جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو. ڪرتارپور راهداري بابت ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪرتارپور راهداري وزيراعظم جي اعلانيل تاريخ موجب کولي ويندي، ان منصوبي جي حوالي سان 30 آگسٽ تي زيرو پوائنٽ تي اجلاس ٿيندو. رڏيهي آفيس ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، پاڪستان افغان سرحد تان دهشتگردن جي فائرنگ جو رڳو جواب ڏيندو آهي، افغان حڪومت کي دهشتگردن ڪيمپن جي حوالي سان ڄاڻ ڏني آهي.ڊاڪٽر فيصل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسرائيل سان لاڳاپن جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي واضح آهي ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *