اين اي 122 جي ووٽن جي منتقلي تي جانچ کانپوءِ احتجاج جو فيصلو ڪنداسين: عمران خان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف اين اي 122 جي ووٽن جي منتلقي جي جاچ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته هو ووٽن جي منتقلي بابت ثبوت کڻي اليڪشن ڪميشن وٽ ويندا، هو ملڪ ۾ انصاف جي جنگ وڙهي رهيا آهن، تحريڪ انصاف چونڊن ۾ شڪست کان نٿي ڊڄي.. لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته ڪارڪنن جي خوشي مان کين لڳي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف ننڍي چونڊ کٽي چڪي آهي.عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف ووٽن جي منتقلي جا ثبوت کڻي اليڪشن ڪميشن وٽ ويندي، ووٽن جي منتقلي جي جاچ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته هو پاڪستان ۾ انصاف جو نظام آڻڻ لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جي ويڙهه جو مقصد ڪجهه تڪ کٽڻ نه پر ملڪ اندر عدل ۽ انصاف جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ آهي.عمران خان چيو ته اليڪشن ٽربيونل فيصلو ڏيڻ ۾ 4 مهينن بدران اڍائي سال لڳايا، جيستائين چونڊ جو نظام ٺيڪ نٿو ٿئي تيستائين ملڪ اندر انصاف جو نظام ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته سندن جنگ رڳو چونڊ وڙهڻ لاءِ نه پر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پهريون قدم آهي، ملڪ کي بچائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻو پوندو. عمران خان چيو ته آءِ ايم ايف کان ورتل قرض حڪومت عوام کان وٺي واپس ڪندي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *